ڪراچي، ڊي آءِ خان ۽ اتر علائقن ۾ دهشتگردي جو خطرو

اسلام آباد (بيورو) حساس ادارن ڪراچي ڊيرا اسماعيل خان ۽ اتر علائقن جي سيڪيورٽي سخت ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي ڪوئي ۾ محرم شروع ٿيندي ئي سيڪيورٽي انتظام سخت ڪيا ويا آهن صوبائي حڪومت يوم عاشور تي موبائيل فون سروس بند رکڻ جي درخواست ڪري ڇڏي حساس ادارن محرم ۾ دهشتگردي جي خدشن جو اظهار ڪندي وارننگ جاري ڪري ڇڏي آهي سيڪيورٽي الرٽ مطابق ڪراچي ڊيرا اسماعيل خان ۽ اترين علائقن ۾ دهشتگردي جون ڪارروايون ٿي سگهن ٿيون مشهور عالمن کي ٽارگيٽ ڪري سگهجي ٿو جڏهن ته محرم جي جلوس تي فائرنگ، دستي بم حملا يا آپگهاتي حملا ٿي سگهن ٿا. حساس ادارن سيڪيورٽي انتظام سخت ڪرڻ تي زور ڏنو ٻئي پاسي ڪوئٽا جي مختلف علائقن ۾ پوليس، بلوچستان ڪانسٽيبلري ۽ ايف سي مقرر ڪئي ويئي آهي لاڳاپيل پهاڙن تي 10 محرم تائين ليويز مقرر رهندي پاڪ فوج کي به الرٽ ڪيو ويو آهي اسپتالن ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪئي ويئي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *