ڪراچي، لاهور، ڪوئيٽا، ملتان ۽ ٻين شهرن ۾ حضرت علي رضه الله عنه جي شهادت جو ڏهاڙي ملهايو ويو

ڪراچي (نمائندن وٽان) حضرت علي رضه الله عنه جي شهادت جي ڏهاڙي تي لاهور، ڪوئيٽا، ملتان ۽ ٻين شهرن ۾ ملهايو ويو، سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي ۾ حضرت علي عليه السلام جي شهادت جو ڏهاڙو نهايت عقيدت ۽ احترام سان ملهايو ويو. مرڪزي جلوس شاهه خراسان نمائش چورنگي کان برآمد ٿيو ۽ پنهنجي روايتي رستن تان ٿيندو امام بارگاهه ايرانيا حسينيه کارادر پهچي نهر ٿيو. جلوس دوران مومن ماتم ڪندا رهيا ۽ نوحه خواني ٿيندي رهي. ان موقعي تيسيڪيورٽي جا سخت انتظام ڪيا ويا. مرڪزي جلوس جي حفاظت لاءِ 11 هزار پوليس اهلڪار مقرر ڪيا ويا. ڊي جي رينجرز ميجر جنرل بلال اڪبر مرڪزي جلوس جي گذرگاهه تي سيڪيورٽي انتظامن جو جائزو ورتو. جلوس جي مرڪزي رستن کي بم ڊسپوزل اسڪواڊ وسيلي ڪليئر ڪرايو ويو. ٻيئ طرف ننڍا وڏا جلوس منزل ڏانهن روان دوان آهن، لاهور سميت وڏن شهرن ۾ جلوسن جي رستن تي موبائيل فون جي سروس معطل رهي، سڪيورٽي جا انتظام پڻ انتهائي سخت ڪيا ويا، لاهور ۾ مرڪزي ماتمي جلوس نثار حويلي کان برآمد ٿيو، جيڪو پنهنجي مقرري رستن تان ٿيندي ڪربلا گامي شاهه تي ختم ٿيو، جلوس جي رستي تي سڪيورٽي جا انتظام انتهائي سخت ڪيا ويا . جلوسن جي سڪيورٽي لاءِ 4 هزار کان وڌيڪ پوليس اهلڪار سڪيورٽي تي مقرر ڪيا ويا هئا، ضرورت پوڻ تي فوج ۽ رينجرز کي به الرٽ رکيو ويو، ملتان مان مرڪزي ماتمي جلوس شانه حيدر بوهڙ والا مان برآمد ٿيو، جيڪو پنهنجي مقرري رستن تان ٿيندي ڪانا شبير ۾ پڄاڻي تي پهتو، ٻين شهرن جيان ملتان ۾ به جلوسن جي سڪيورٽي جا انتظام انتهائي سخت ڪندي 3  هزار اهلڪار مقرر ڪيا ويا هئا، وڏين عمارتن تي ماهر شوٽرز کي به مقرر ڪيو ويو . حافظ آباد، رحيم يار خان، بهاولنگر ۽ فيصل آباد سميت ٻين ننڍن وڏن شهرن ۾ به ماتمي جلوس پڄاڻي تي پهتو، حضرت علي رضه جي شهادت واري ڏهاڙي تي بلوچستان جي سمورن ضلعن ۾ موٽر سائيل جي ٻيلهه سواري تي پابندي لاڳو ڪئي وئي هئي، . سبي جي مختلف علائقن مان ننڍا وڏا جلوس پنهنجي منزل تي پهتا، ه جلوسن جي سڪيورٽي لاءِ 1500 ايف سي ۽ ليويز اهلڪارن کي مقرر ڪيو ويو هيو..

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *