ڪجهه ماڻهو چاهين ٿا ته سنڌ جو ڪنٽرول آرمي سنڀالي پر ايئن نه ٿيندو: آغا سراج دراني

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ اسيمبلي جي اجلاس ۾ مڪاني نظام واري قانون ۾ ترميم جو بل پيش ڪيو ويو، سنڌ آرمز ايڪٽ ترميمي بل  ۽  گئس ليوي جي وصولي روڪڻ بابت ٺهراءَ منظور ڪيا ويا آهن، جڏهن ته  امتياز شيخ شڪارپور سانحي ۾ ملوث جوابدارن جي گرفتاري ۽ ٻين مطالبن جي مڃتا لاءِ لانگ مارچ ڪندڙن سان ڳالهيون ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي. سنڌ اسيمبلي جو اجلاس اسپيڪر آغا سراج دراني جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن دوران صوبائي وزير نثار کهڙي مڪاني نظام ۾ ترميم وارو بل پيش ڪيو، جنهن تي بحث ايندڙ جمعي تائين ملتوي ڪيو ويو. اجلاس دوران صوبائي وزير نثار کهڙي سنڌ آرمز ايڪٽ ترميمي بل پيش ڪيو،جنهن جي اڪثريت راءِ سان منظوري ڏني وئي. پ پ ايم پي اي خيرالنساءُ مغل  وفاق پاران واهپيدارن کان گيس تي ليويز جي وصولي خلاف ٺهراءُ پيش ڪيو، جنهن جي به اتفاق راءِ سان منظوري ڏني وئي. پ پ ايم پي اي سڪندر شوري اسپيڪر ، ڊپٽي اسپيڪر ۽ اسيمبلي ميمبرن کي ڊپلوميٽڪ پاسپورٽ جاري ڪرڻ وارو ٺهراءُ پيش ڪيو، جنهن جي به منظوري ڏني وئي. اجلاس دوران امتياز شيخ شڪارپور سانحي ۾ ملوث جوابدارن جي گرفتاري ۽ ٻين مطالبن جي مڃتا لاءِ لانگ مارچ ڪندڙن سان ڳالهيون ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي. اسپيڪر آغا سراج دراني چيو ته شڪارپور سانحي کانپوءِ سنڌ حڪومت فوري اپاءُ ورتا ۽ لانگ مارچ ڪري معاملي کي سياسي رنگ نه ڏنو وڃي. هن چيو ته ڪجهه ماڻهو چاهن ٿا ته سنڌ جو ڪنٽرول آرمي سنڀالي پر ايئن نه ٿيندو. امتياز شيخ شهيدن جي وارثن کي سنڌ حڪومت پاران چيڪ ڏيڻ جي ساراهه ڪندي چيو ته ملير بس حادثي جي  متاثرن کي به معاوضو ڏنو وڃي. فنڪشنل جي نصرت سحر عباسي سکر ريجن ۾ اڻ رجسٽرڊ 100اسڪولن بابت التوا واري رٿ پيش ، جنهن جي تعليم واري وزير نثار کهڙي پاران مخالفت ڪرڻ سبب ان کي رد ڪيو ويو. سوالن جوابن جي وقفي دوران صحت واري وزير ڄام مهتاب ڏهر اعتراف ڪندي چيو سندس کاتي ۾ ٻه نمبري ڪم ٿئي پيو، جنهن کي روڪڻ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن. اجلاس دوران اسپيڪر آغا سراج چيو ته هن ڪجهه ڏينهن اڳ اجلاس ملتوي ڪيو ته سندس خلاف واويلا ڪئي وئي .

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *