ڪجهه ماڻهو عمران خان جا ڪن ٿا ڀرين ۽ پوءِ هو ڳالهائڻ شروع ڪري ٿو: سعد رفيق

لاهور (م.ڊ) ريلوي واري وفاقي وزير خواجا سعد رفيق چيو آهي ته ريلوي ڪارخانن کي پوري رفتار سان ڪم ڪرڻ گهرجي، ڇو ته هڪ هڪ شفٽ سان ڪم نه هلندو، 16 ڪلاڪ ڪم ڪيو ته ان جو معاوضو به ڏنو ويندو، لاهور ۾ ريلوي بابت اجلاس کي خطاب ڪندي ۽ ميڊيا سان ڳالهائيندي سعد رفيق چيو ته جيڪڏهن پشاور ۾ ريلوي پٽڙي ٺاهي وڃي ته طورخم تائين اها پٽڙي ڪيئن پهچندي؟ جيڪڏهن اسان وٽ وڌيڪ جاءِ هوندي ته ڪي پي ڪي کي به ڏينداسين. هن چيو ته خيبرپختونخوا اسان کي لکي ڏئي ته ان کي ٻٽي ٽريڪ جي ضرورت ناهي، وفاقي وزير جو چوڻ هو ته پشاور ۾ ريلوي جي ايراضي بابت وڌيڪ ڳالهه ٻوله نه ٿي ٿي سگهي، ڇو ته جيڪڏهن ايراضي هجي ها ته ڏئي ڇڏيون ها. خواجا سعد رفيق چيو ته ڪجهه ماڻهو عمران خان جي ڪنن ۾ سرٻاٽ ڪن ٿا ۽ پوءِ هو ڳالهائڻ شروع ڪري ٿو، هو سياست نه پر ڪم ڪري.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *