ڪجهه ماڻهو ترقي روڪڻ چاهين ٿا، نئون پاڪستان اسان ٺاهينداسين: نواز شريف

سانگلا هِل(م.ڊ) وزير اعظم نواز شريف چيو آهي ته ڪجهه ماڻهو ترقي روڪڻ چاهين ٿا پر اسين ترقياتي سفر جاري رکنداسين. 2018ع ۾ لوڊشيڊنگ ختم ٿي ويندي. وزيراعظم نواز شريف سانگلا  انٽر چينج  جو افتتاح ڪيو،  ان موقعي تي خطاب ڪندي هن چيو ته سانگلا هل انٽر چينج ٺاهڻ وارو واعدو پورو ڪيو آهي، سانگلا لاءِ سئي گيس منصوبي جو اعلان به ڪيو. هن چيو ته سانگلا جا ماڻhو ٻيو ڪجهh به گهرن ها ته اهو سامهون هجي ها،  2013 ۾ سانگلا هل ۾ نوجوانن کان پڇيو ويو ته انٽرچينج گهرجي؟ جواب مليو ته حڪومت ايندي ته انٽرچينج بڻجي ويندو ۽ ڏسو اڄ انٽرچينج تيار آهي.  هن چيو ته اسان ترقي جو سفر کي جاري رکنداسين2018 تائين ملڪ مان لوڊشيڊنگ ختم ٿي ويندي. ڪجهه ماڻهو ترقي روڪڻ چاهن ٿا، نئون پاڪستان اسان ٺاهي رهيا آهيون، هن چيو ته اڄ موٽر وي بڻجي رهيا آهن ۽ ٻيا منصوبا بڻجي رهيا آهن.  بجلي جي لوڊشيڊينگ ختم ٿي رهي آهي 3 سال پهرين اهو سڀ ڪجهه ڇو نه ٿيو؟  هن چيو ته ٽي سال پهرين وارو پاڪستان ڏسو ۽ هاڻ وارو پاڪستان ڏسو، اڄ پاڪستان ترقي جي بلندين تي آهي. پاڪستان ۾ بيروزگاري جو خاتمو ٿيندو، نوجوانن کي روزگار ملندو. ٻهراڙين ۾ رهندڙ غريب ماڻهن کي سهولتون فراهم ڪيون وينديون، پاڪستان مان جهالت جو خاتمو ٿيندو مخالفن جي ڪوشس آهي ته بجلي سستي نه ٿئي.  وزيراعظم نواز شريف وڌيڪ چيو ته ڪي پي ڪي ۾ مخالفن جو پراڻُو پاڪستان اڃان موجود آهي، ڪي پي ڪي ۾ اسان نئون پاڪستان ٺاهيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *