ڪجهه ماڻهن کي ڀارت شهريت جي آڇ نه پيو ڪري نه ته اسان جي جان ڇٽي پوي: فواد چوڌري

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) سڌ سماءَ وارو وفاقي وزير فواد چوڌري ۽ سينيٽر مشاهد حسين سيد ٽوئٽر تي آمهون سامهوجن اچي ويا آهن.  مسلم ليگ ن جي سينيٽر  مشاهد حسين سيد ٽوئٽر تي بيان ۾ چيو ته پاڪستان کي پنهنجو هائوس ان آرڊر رکڻ گهرجي،  ڪنهن به ملڪ کي پنهنجي ڌرتي ڪنهن ٻئي ملڪ خلاف استعمال ٿيڻ کان روڪڻ گهرجي.  فواد چوڌري کيس جواب ڏيندي چيو ته ڪجهه ماڻهن کي ڀارت اميگريشن جي آڇ نه ڪري رهيو آهي نه ته اسان جي جان ڇٽي پوي، ڪيترو هائوس ان آرڊر ڪيون. هن چيو ته نه توهان کي پرڏيهي وزير ٿيڻو آهي ۽ نه وري توهان جي قدمن سان اطمينان ٿيڻو آهي. هن چيو ته مهرباني ڪري سينيت جي خرچن تي دورن کان پاسو ڪيو، حيرت آهي ته توهان کي ڪشمير تي نمائندگي جو چيو ويو توهان جي خدمتن جا ٿورا.  سوشل ميڊيا صارف ٻنهي اڳواڻن جي بيانن تي مختلف رد عمل ظاهر ڪري رهيا آهن. هڪ صارف مشاهد حسين سيد جي ٽوئٽ تي رد عمل ظاهر ڪندي چيو ته رڳو اسان نه پر خطي ۾ موجود سمورن ملڪن کي اهو ئي ڪرڻ گهرجي، ڀارت، افغانستان ۽ ايران اسان جا پاڙيسري آهن ته اسان به سندن پاڙيسري آهيون، اسان جي ڌرتي تي ٿيندڙ پرتشدد واقعن ۾ ڀڀارت،  افغانستان ۽ ايران جي ڌرتي استعمال ٿي آهي، اسان کي گڏيل سهڪار ۽ احترام کي هٿي ڏيڻي پوندي.

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *