ڪجهه ذهني معذورن کان ترقي برداشت نه ٿي رهي آهي: اسحاق ڊار

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي، لاهور ۽ اسلام آباد اسٽاڪ ايڪسچينج کي ضم ڪري پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج جو نالو ڏنو ويو، ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار چيو آهي ته ڪجهه ذهني  معذورن کان ترقي برداشت نه ٿي رهي آهي، پاڪستان جلد عالمي مارڪيٽ ۾ اڀرندڙ معيشت ملڪ بڻجي ويندو. اسلام آباد ۾ ڪراچي، لاهور ۽ اسلام آباد اسٽاڪ ايڪسچينج کي پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ ضم ڪرڻ واري معاهدي تي صحيحون ٿيون، جنهن ۾ ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار به شرڪت ڪئي. ان موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار چيو ته پاڪستان جون معاشي حالتون بهتر ٿي رهيون آهن، هاڻي گردشي قرض گهٽجي ويا آهن. هن چيو ته سٺن ماڻهن کان بهتر ڪم وٺڻ حڪومت جي پاليسي آهي، پاڪستان اڀرندڙ معيشت آهي، جلد سٺا نتيجا سامهون ايندا. اسحاق ڊار چيو ته ڪجهه ماڻهن کان ملڪ جي ترقي برداشت نه پئي ٿئي پر  پاڪستان جلد عالمي مارڪيٽ ۾ اڀرندڙ معيشت بڻجي ويندو

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *