ڪترينا ۽ رنبير عوامي هنڌن تي به هڪٻئي کي نظرانداز ڪرڻ لڳا

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪار رنبير ڪپور ۽ اداڪارا ڪترينا ڪيف جي پهرين گهاٽي سنگت ۽ پوءِ هاڻي وري ڌار ٿيڻ واريون خبرون ته عام آهن پر هاڻي ٻنهي اداڪارن ڌار ٿيڻ جو ثبوت ڏيندي هڪٻئي کي نظرانداز به ڪرڻ شروع ڪري ڏنو آهي. ڀارتي ميڊيا رپورٽن مطابق بالي ووڊ اداڪار رنبير ڪپور ۽ ڪترينا ڪيف جي ڌار ٿين وارين خبرن جا چوٻول ته هلي رهيا آهن،پر انهن ٻنهي ڪڏهن به خبرن جي حوالي سان ڪجهه ناهي ڳالهايو،پر هاڻي ٻنهي اداڪارن تقريبن  ۾ به هڪٻئي کي نظرانداز ڪرڻ شروع ڪري ڏنو آهي،ان جو مثال نئين دهلي ۾ ٿيندڙ گاڏين جي عالمي نماءَ هلي رهيو آهي،جتي ٻنهي هڪٻئي کي گهڻو نظرانداز ڪيو. نماءَ جي انتظاميا ۽ ان جي مينيجرن به ان ڳالهه جو خاص خيال رکيو ته نماءَ ۾  ٻنهي اداڪارن جا جو ڪنهن به حال ۾ ٽڪراءَ نه ٿئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *