ڪترينا ڪيف فلم ” فتور“ لاءِ وارن جو رنگ ڳاڙهو ڪرائي پاڻ لاءِ پريشاني پيدا ڪري ڇڏي

ممبئي(شوبز نيوز)بالي ووڊ  اداڪاره ڪترينا ڪيف وارن جي ڳاڙهي رنگ جي ڪري پريشان آهي، پنهنجي هڪ انٽرويو ۾ ڪترينا ڪيف چيو ته مان فلم فتور لاءِ وارن ڳاڙهو ڪرايو آهي،جڏهن ته هاڻي فلم  جگا جاسوس جي شوٽنگ ڪرائڻي آهي، جنهن ۾ وارن جو قدرتي رنگ ڏيکارڻو آهي، مان ان جي ڪري ڪافي پريشان آهيان، هن  چيو ته ڪانز  فلم فيسٽيول ۾ منهنجي وارن جي رنگ کي ٽوڪيو ويو پر مونکي اها ڳالهه خراب نه لڳي، اداڪارا چيو ته مان هميشه اهو ئي ڪيو جيڪو منهنجي دل مڃيو آهي، هن چيو ته فلم فتور ۾ شخصيت جي حوالي سان تجربا  ڪيا آهن، مان گذريل 6 مهينن ۾ 18  پائونڊ وزن گهٽ ڪيو آهي، ڪترينا ڪيف چيو ته مان ڪردار ۾ حقيقت  جو رنگ ڀرڻ لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪندي آهيان.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *