ڪترينا ڪيف جون روس ۾ ”ٽائيگر 3“ جي شوٽنگ دوران ورتل تصويرون وائرل

ڪراچي (شوبز نيوز)باربي ڊول جي نالي سان مشهور بالي ووڊ اداڪارا ڪترينا ڪيف ۽ دبنگ هيرو سلمان خان ٻئي روس ۾ پنهنجي ايندڙ فلم ”ٽائيگر 3“ جي شوٽنگ ۾ مصروف آهن.تازو ئي ڪترينا ڪيف پنهنجي انسٽاگرام اڪائونٽ تي روس جي شهر سينٽ پيٽرز برگ جون تصويرون شيئر ڪيون.تصويرن ۾ اداڪارا ڪترينا ڪيف کي روس گھمندي ڏسي سگھجي ٿو.انسٽاگرام تي شيئر ڪيل تصوير ۾ ڪترينا ڪيف روس جي پارڪن ۽ شهر جي گھٽين ۾ گھمندي نظر اچي رهي آهي.هن انسٽاگرام تي هڪ تصوير شيئر ڪندي ڪيپشن ۾ لکيو ته پارڪ ۾ هڪ ڏينهن.ڪترينا ڪيف پنهنجي انسٽاگرام اڪائونٽ تي هڪ وڊيو به شيئر ڪئي جنهن ۾ هوءَ سينٽ پيٽرز برگ جي سونهن ۽ موسم ۽ موسم مان مزو وٺندي خوش نظر اچي رهي آهي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *