ڪا به طاقت پاڪستان کي دنيا تان ميٽائي نٿي سگهي: خواجا آصف

اسلام آباد (اين اين آءِ) پاڻي ۽ بجلي واري وفاقي وزير خواجا محمد آصف انڊس واٽر ڪمشنر جي سطح تي ڳالهه ٻولهه لاءِ ڀارتي وفد جي پاڪستان اچڻ تي ڀليڪار ڪندي چيو آهي ته پاڪستان پاڻي تي پنهنجي مفادن جو تحفظ ڪندو پاڪستان ڀارت انڊس واٽر ڪمشنر جي وچ ۾ ڳالهين ۾ ٽن تڪراري ڊيمن جي اڏاوت ۽ ٻوڏ جي پاڻي جي ڊيٽا فراهم ڪرڻ جي حُوالي سان ڳالهه ٻولهه ڪئي. ماضي ۾ ٻنهي ملڪن ۾ ڪشن گنگا سميت وڌيڪ مسئلن جي حل ۾ تمام وڌيڪ دير ٿي وئي جنهن سان اسان جي مفادن کي نقصان پهتو، سنڌ طاس معادي تي عملدرآمد ٻنهي ملڪن جي مفاد وٽان آهي ڪشن ديم جي حوالي سان ٽياڪڙي عدالت جي فيصلي تي زور ڀري رهيا آهيون. رتلي ڊيم جي حوالي سان اسان جو موقف چٽو آهي. ڊيم جي اڏاوت سنڌ طاس معاهدي موجب ٿيڻ گهرجي. رتلي ڊيم جي حوالي سان ايندڙ مهيني آمريڪا ۾ ڳالهيون ٿينديون جنهن ۾ اسان پنهنجي مفادن جو ڀرپور تحفظ ڪرڻ جي پوزيشن ۾ هونداسين. سومر تي پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي پاڻي ۽ بجلي واري وزير خواجا محمد آصف چيو ته 14 ۽ 15 جولاءِ 2016 تي پاڪستان جي پاڻي ۽ بجلي واري سيڪريٽري جي ڀارت هم منصب سان نئين دهلي ۾ ٿيندڙ ڳالهين کانپوءِ پاڪستان انهن ٻن تڪرارن تي ٽياڪڙي جو رستو اختيار ڪيو آهي. هن چيو ته سنڌ طاس معاهدي تي ڳالهيون 2015 کان دير جو شڪار رهيون آهن حڪومتي ڪوششن سبب سنڌ طاس معاهدي تي ڳالهين جي ٻيهر شروعات ٿي آحي هن چيو ته پاڪستان جو هميشه اهو موقف ريهو آهي ته سنڌ طاس معاهدو ان چند عالمي معاهدن مان هڪ آحي جيڪو ٻن ملڪن وچ ۾ آبي ذخيرن جي استعمال جهڙن سنجيده معاملن تي امن ذريعن سان طئه ڪيل طريقيڪار کي فراهم ڪري ٿو. هن چيو ته اسان انهن ڳالهين مان بهتري جي اميد آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *