ڪا به سياسي ٻوڏ نه پئي اچي، عمران خان ڪالاباغ ڊيم وارو خواب ڏسڻ ڇڏي ڏي: نثارکهڙو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سماءَ ۽ آبپاشي واري صوبائي وزير نثارکهڙي چيو آهي ته صوبي ۾ ٻوڏ واري  صورتحال آهي پر ڪا به سياسي ٻوڏ نه پئي اچي، عمران خان ڪالاباغ ڊيم وارو خواب ڏسڻ ڇڏي ڏي. نثار کهڙي پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته ملڪ ۾ جمهوريت آهي ۽ رهند، جڏهن ته هاڻ سونامي چوندڙن جي به هوا نڪري وئي آهي. صوبائي وزير چيو ته عمران خان اڳ اسلام آباد کي فريز ڪيو ۽ هاڻ هو پاڻ بند گهٽي ۾ ڦاسي پيو آهي. نثار کهڙي چيو ته عمران خان جو ڪالاباغ ڊيم وارو خواب ڪڏهن به پورو نه ٿيندو، ڊيم جي ڳالهه عمران خان ڪري يا ڪو ٻيو پر ڪنهن به صورت ۾ ٺهڻ نه ڏبو.  آبپاشي واري صوبائي وزير چيو ته ڪالاباغ ڊيم بجاءِ ڀاشا ڊيم تعمير ڪيو وڃي. هن چيو ته سنڌ جي سمورن بندن تي نگراني وارو عمل تيز ڪيو ويو آهي، 6 کان ست لک ڪيوسڪ پاڻي اچي سگهي ٿو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *