ڪانپور ۾ به ڪوئلي جي استري سان پچ خشڪ ڪرڻ جو واقعو سامهون اچي ويو

 

نئين دهلي(اسپورٽس نيوز) ڪانپور ۾ به ڪوئلي جي استري سان پچ خشڪ ڪرڻ جو واقعو سامهون آيو آهي. 2 هفتا اڳ گوهاٽي ۾ انٽرنيشنل ميچ جي موقعي تي پچ کي ويڪيوم ڪليئر، هيٽر ڊرائير ۽ اسٽيم استري سان خشڪ ڪرڻ جون ڀارتي ڪوششن جو سوشل ميڊيا تي مذاق اڏايو ويو هو.هاڻ اتر پرديش ۽ دهلي جي وچ ۾ ڪوچ بهار ٽرافي ميچ ڪانپور جي انٽرنيشنل گرين پارڪ اسٽيڊيم کان ڪملا ڪلب گرائونڊ منتقل ڪيو ويو. پچ جا ڪجهه حصا آلا هئا جنهن کي خشڪ ڪرڻ جي لاءِ ميچ کان اڳ ڪوئلي واريون استريون استعمال ڪيون ويون.ڪيترائي ماڻهو گرائونڊز ۾ ڳرين استرين سان پچ خشڪ ڪندي نظر آيا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *