ڪاميڊي ۾ سخاوت ناز جي صلاحيتن مان متاثر آهيان: نيلم منير

لاهور (شوبز نيوز) خوبصورت اداڪاره نيلم منير چيو آهي ته ڪاميڊي ۾ سخاوت ناز جي صلاحيتن مان متاثر آهيان، ڪراچي جي ڀيٽ ۾ لاهور/ڏسو صفحو 6 بقايا نمبر 32

۾ بهتري ڪاميڊي ٿئي ٿي ۽ ڀارت سميت دنيا جا ماڻهو لاهوري ڪاميڊينز مان متاثر آهن. ميڊيا سان ڳالهائيندي نيلم منير چيو ته جڏهن به وقت ملندو آهي ته اسٽيج ڊراما ڏسندي آهيان ۽ اداڪارن جي شرارتن ۽ مذاقن مان مزو وٺندي آهيان، اسٽيج ڊرامو تفريح جو بهترين ذريعو آهي. هن چيو ته ڪراچي ۾ معين اختر ۽ عمر شريف ڪاميڊي جي ميدان ۾ نالو پيدا ڪيو آهيپر لاهور ۾ اهو انگ گهڻو وڌيڪ آهي. نيلم منير چيو ته ڀارتي فنڪار به اسان جي ڪاميڊينز مان متاثر آهن ۽ کانئن سکندا آهن. اداڪاره مزاحيه فنڪار سخاوت ناز سان گڏ ڪم ڪريان.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *