ڪاميابي توڙي ناڪامي کي ٻه طرفي طور ڏسندي آهيان: سوناڪشي

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ جي دبنگ گرل سوناڪشي سنها چيو آهي ته مان فلم جي ڪاميابي توڙي ناڪاميءَ کي ٻه طرفي طور ڏسندي آهيان. پنهنجي هڪ انٽرويو ۾ سوناڪشي سنها جو چوڻ هو ته جڏهن منهنجي ڪا به فلم باڪس آفيس تي ڪامياب ٿيندي آهي ته مان ان تي واويلا ناهيان ڪندي پر جيڪڏهن ڪا فلم ناڪام ٿيندي ته به مان اونداهي ڪنڊ ۾ ويهي ماتم ناهيان ڪندي. هن چيو ته پنهنجي پرورش ئي اهڙي طريقي سان ٿي آهي جو مان ڪاميابي توڙي ناڪاميءَ کي ٻه طرفي طور ڏسندي آهيان. سوناڪشي سنها چيو ته ناڪاميءَ جي مقابلي ۾ ڪاميابي ماڻهن کي وڌيڪ تباهه ڪندي آهي، تنهن ڪري غلطين تي سوچڻ بدران انهن مان سکڻ ضروري آهي.27

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *