ڪالاباغ ڊيم زندگي ۽ موت جو مسئلو آهي: نثار کهڙو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سينيئر صوبائي وزير نثار کهڙي چيو آهي ته ڪالاباغ ڊيم زندگي ۽ موت جو مسئلو آهي، سنڌ ڪالاباغ ڊيم جو نالو ٻــُڌڻ لاءِ به تيار ناهي. سنڌ سيڪريٽريٽ ڪراچي ۾ نيشنل ڊفينس يونيورسٽي جي وفد سان ملاقات دوران ميڊيا سان ڳالهائيندي سينيئر وزير نثار کهڙي چيو ته ڪراچي آپريشن تيز ڪيو ويو آهي ۽ امن امان جي بحالي تائين اهو آپريشن جاري رهندو. هن چيو ته دهشتگرديءَ جو وڏو ڪارڻ غيرقانوني سم ڪارڊن جو استعمال آهي، وفاقي حڪومت غير قانوني سمون بند ڪرائڻ لاءِ پي ٽي اي کي پابند ڪري. هن چيو ته ٿر جو بنيادي مسئلو پاڻي آهي، ان لاءِ حڪومت قدم کڻي رهي آهي، صاف پاڻي جي فراهمي لاءِ جلد 750 آر او پلانٽس لڳائڻ وارو منصوبو مڪمل ڪيو ويندو. هن چيو ته ڪالا باغ ڊيم زندگي ۽ موت جو مسئلو آهي، سنڌ ڊيم جو نالو ٻــُڌڻ لاءِ به تيار ناهي. سندس چوڻ ته ڪالا باغ ڊيم جو اشو اٿاري صوبن ۾ وڇوٽيون پيدا ڪيون پيون وڃن. تعليم واري وزير چيو ته سنڌ کي پاڻي جو پورو حصو نه ملڻ جو سبب بلوچستان کي سنڌ سنڌ سان شڪايت آهي ته وفاق سان رابطو ڪيو وڃي. تعليم واري وزير نثار احمد کهڙي چيو ته سنڌ ۾ گوسڙو استادن خلاف ڪارروائي جاري آهي. هن چيو ته سوشل ميڊيا جي مدد سان 3 هزار گوسڙو استادن جي ڊيٽا حاصل ڪئي آهي، جن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *