ڪاش معين اختر ڪورونا جي صورتحال ۾ جيئرو هجي ها: منشا پاشا

ڪراچي (شوبز نيوز) پاڪستان ٽي وي ۽ فلم انڊسٽري جي مشهور اداڪارا ۽ سماجي ڪارڪن منشا پاشا لاڪ ڊائون ۾ ليجنڊري ڪاميڊين ۽ اداڪار معين اختر کي ياد ڪرڻ لڳي. سماجي رابطي جي ويب سائيٽ ٽوئٽر تي ڪورونا جي امڪاني پکيڙ کان بچاءُ کي نظر ۾ رکندي لاڪ ڊائون دوران آئيسوليشن ۾ ويل اداڪارا منشا پاشا پنهنجا ويچار مداحن سان/ڏسو صفحو 3 بقايا نمبر 04

 شيئر ڪيا. هن لکيو ته هو آئيسوليش ۾ معين اختر کي ياد ڪري رهي آهي. منشا پاشا لکيو ته خواهش آهي ته ڪاش معين اختر هن صورتحال ۾ جيئرو هجي ها ته جيئن مان ٻڌي سگهان ها ته کيس ڪورونا بابت ڇا چوڻو آهي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *