ڪاسا 1000 رٿا وچ ۽ ڏکڻ ايشيا کي پاڻ سان ملائيندي: وزيراعظم

سلام آباد( ويب ڊيسڪ ) وزيراعظم نواز شريف چيو آهي ته ڪاسا 1000 منصوبو وچ ۽ ڏکڻ ايشيا کي پاڻ سان ملائيندو، رٿا سان ماحول دوست توانائي حاصل ٿيندي. تاجڪستان جي گادي واري هنڌ دوشنبي ۾ چار ملڪي اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم نواز شريف چيو ته بجلي جي فراهمي واري رٿا سان پاڪستان ۽ افغانستان کي بجلي ملندي. هن چيو ته سماجي اهم ڪمپنين فيڊر اسٽيشنز قائم ڪرڻ لاءِ آڇ جمع ڪرائي ڇڏي آهي. سندس چوڻ هو ته رٿا سان راهداري في مان افغانستان کي به فائدو ٿيندو. وزيراعظم نواز شريف چيو ته توانائيءَ جي فراهميءَ سان عوام جي زندگي جو معيار به بهتر ٿيندو. هن چيو ته کين اميد آهي ته ٽرانسميشن لائن تي جلد ڪم شروع ٿي ويندو. وزيراعظم نواز شريف چيو ته ڪاسا 1000 سان تاجڪستان کي به روينيو حاصل ٿيندو. ٻئي طرف وزيراعظم نواز شريف چيو آهي ته تاجڪستان جو دورو ڪامياب رهيو، والاريل ڪشمير ۾ ظلم سان پاڪ – ڀارت لاڳاپا خراب ٿيا، ڀارت کي اهو ظلم بند ڪري مسئلي جي حل ڏانهن اچڻ گهرجي. ڏيهه واپسيءَ تي جهاز ۾ صحافين سان ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته افغان صدر واپاري راهداري لاءِ ڀارت کي رستو ڏيڻ جي تجويز ڏني آهي، اهڙين حالتن ۾ ڀارت سان ڪاروبار جي ڳالهه ڪيئن ٿي سگهندي، اسان چيو اڳ ۾ پاڪستان، تاجڪستان ۽ افغانستان پنهنجا معاملا بهتر ڪن، ڀارت جو معاملو پوءِ ڏسنداسين. هن چيو ته افغانستان جي الزام جو جواب ڏنو آهي، اسان طرفان مداخلت نه پئي ٿئي. سندس چوڻ هو ته جنهن ايٽمي ڌماڪي جو بٽڻ دٻايو، ان جو ئي احتساب ٿي رهيو آهي اهو به ڪوڙو، سپريم ڪورٽ جي ڪنهن به قسم جي فيصلي جي انتظار ۾ آهيون. نواز شريف چيو ته 2014ع ۾ ڌرڻن کي ڏسي ڇڏيو، لاڪ ڊائون به ناڪام رهيو، مخالفن هر سازش ڪئي، انهن کي منهن ڏئي وينداسين، جمهوريت کي مون مان ڪو به خطرو ناهي.27

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *