ڪار ساز سانحي جي شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ هلندڙ سال 18 آڪٽومبر تي عاليشان جلسو ٿيندو: بلاول ڀٽو

ڪراچي (اين اين آءِ) پ پ جي چيئرمين بلاول ڀٽو چيو آهي ته ڪار ساز سانحي جي شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ هلندڙ سال به 18 آڪٽومبر تي تاريخي جلسو ٿيندو، جمعي تي بلاول ڀٽو سان ڪراچي ڊويزن جي پارٽي عهديدارن، سعيد غني، وقار مهدي، راشد رباني، قادر پٽيل، شهلا رضا، شاهده رحماني، غلام مرتضيٰ بلوچ، ڄام عبدالڪريم، شميم ممتاز، آغا رفيع الله، ساجد جوکيو، محمود عالم ڄاموٽ، ناز بلوچ، سليم بلوچ، شازيه سنگهار، شاهينه بلوچ ۽ ٻين ملاقات ڪئي، ملاقات ۾ ڪار ساز سانحي جي ورسي جي تيارين سميت مختلف معاملن تي غور ڪيو ويو، وڏي وزير مراد علي شاهه اجلاس ۾ خاص طور تي شرڪت ڪئي، هن چيو ته ڪار ساز سانحي جي شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ هن سال به تاريخي جلسو ٿيندو، هن چيو ته ڪلين ڪراچي مهم ۾ پارٽي عهديدارن ۽ ڪارڪنن جو ڪردار ساراهه جوڳو آهي، بلاول ڀٽو ڪراچي ۾ جاري ترقياتي منصوبا وقت تي مڪمل ۽ وڌيڪ ڊيولپمينٽ لاءِ اسيمبلي ميمبرن کي ڪردار ادا ڪرڻ جي هدايت ڪئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *