ڪارڪن پارٽي چونڊن سان گڏ بلدياتي اليڪشن جي مڪمل تياري ڪن: طاهر القادري

لاهور (م.ڊ) پاڪستان عوامي تحريڪ جي سربراهه ڊاڪٽر طاهر القادري گذريل ڏينهن عوامي تحريڪ جي سينٽرل ورڪنگ ڪونسل جي اجلاس کي ٽيليفون تي خطاب ڪندي چيو ته ڪارڪن پارٽي اليڪشن سان گڏ بلدياتي چونڊ ن جي تياري ڪن، سينيٽ چونڊن دوران حڪومت 12 ارب رپيا سياسي رشوت تقسيم ڪئي، اليڪشن ڪميشن ڇو خاموش آهي، ڌانڌلي ۽ ماڊل ٽائون سانحي جي قومي اشوز تي حڪومت جي هٺڌرمي ۽ نڪ جي پڪائي اڳ کان وڌي وئي آهي، دهشتگردي خلاف آواز اٿارڻ تي عوامي تحريڪ خلاف حڪومت انتقامي ڪارروايون ڪري رهي آهي، ماڊل ٽائون دهشتگردي کانپوءِ منهاج القرآن جي رجسٽريشن رد ڪرڻ جي ڪوشش ٿي رهي آهي، حڪمرانن جي ڪا ئي سازش ڪارڪنن جا حوصلا ڪمزور نٿي ڪري سگهي، ماڊل ٽائون سانحي جا قاتل بي نقاب ٿيڻ وارا آهن، هڪ ڪمانڊ ۽ ڪنٽرول سسٽم کانسواءِ دهشتگردي ختم نه ٿيندي، سوئيس بينڪن مان لٽيل دولت واپس آڻڻ جي دعويدارن ڪرپشن جا وڌيڪ 5 سئو ارب دبئي منتقل ڪري ڇڏيا، هن چيو ته ايف آءِ اي ۽ نيب انهن امير پاڪستانين جي لسٽ جاري ڪري جن گذريل 18 مهينن ۾ کربين رپين جي پراپرٽي خريد ڪئي، هن چيو ته قرض ڪميشن ۾ تبديل ٿي بيروني ملڪن ۾ منتقل ٿي رهيو آهي، هي حڪمران جيستائين مڙهيل هوندا ملڪ ۽ عوام پيسجندو رهندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *