ڪارڪنن جي گمشدگي: ايم ڪيو ايم جو ڀارت سميت 55 ملڪن کي خط، مدد طلب

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) متحده قومي موومينٽ، حيدرآباد ويجهو گم ٿيل چئن ڪارڪنن جِي بازيابيءَ ۾ مدد لاءِ ڀارت سميت 55 ملڪن جَي سفارتخانن کي خط لکيا آهن، جڏهن ته فاروق ستار ۽ وسيم اختر پاران ترديد ڪئي وئي آهي. ايم ڪيو ايم اڳواڻ عارف خان، شبير قائمخاني ۽ اقبال خانزادَي طرفان لکيل خط ۾ چيو ويو آهي ته 29 جولاءِ تي شادي ۾ شرڪت لاءِ ڪراچي کان حيدرآباد ويندڙ 12 ڪارڪنن کي رستي مان گرفتار ڪيو ويو. خط موجب، گرفتار ڪيل 12 مان 8 ڪارڪنن کي آزاد ڪيو ويو، جڏهن ته وليد ڪمال، شايان رحمان، سعد هاشمي ۽ اسد رضا اڃا تائين گم آهن. مختلف ملڪن جَي سفارتخانن کي لکيل خط ۾ چيو ويو آهيته غيرقانوني طور ڪارڪنن کي حراست ۾ رکڻ انساني حقن جي ڀڃڪڙي آهي. خط ۾ 55 ملڪن جَي سفيرن کي اپيل ڪئي وئي آهي ته اهي معاملي جو نوٽيس وٺي ان سلسلي ۾ آواز اٿارن. ٻئي طرف ايم ڪيو ايم اڳواڻ فاروق ستار ترديد ڪندَي چيو آهي ته هنن ڀارت سميت ڪنهن به ملڪ جَي هاءِ ڪمشنر کي اهڙو ڪو به خط ناهي لکيو. فاروق ستار چيو ته ڀارت هاءِ ڪمشنر کي ايم ڪيو ايم جو خط ملڻ ٽيڪنيڪل غلطي ٿي سگهي ٿي. ٻئي پاسي ايم ڪيوا يم جي اڳواڻ وسيم اختر مطابق ايم ڪيوا يم مدد لاءِ ڪنهن به سفارتخاني کي خط ناهي موڪليو. ڀارت دشمن ملڪ آهي ،اسان به ان جي حق ۾ناهيون، حڪومت پاران ڀارتي حڪومت کي انب موڪليا ويا ۽ انهن سان تجارت ڪئي پئي وڃي.ايم ڪيو ايم جي ميمبرن سان ذيادتي تي ٻين ملڪن کي خط لکيا آهن اهي ڪي ڳجها ناهن، پر معمول جي ڳالهه آهي، ان قسم جا خط آمريڪا ، ڪئينڊا ۽ سعودي عرب کي به موڪليا ويا آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *