ڪاري ناڻي کي اڇو ڪرڻ جو موقعو، وفاقي ڪابينا ايمنسٽي اسڪيم جي منظوري ڏئي ڇڏي

اسلام آباد (اين اين آءِ) حڪومت ڊگهي صلاح مشوري کانپوءِ پنهنجي پهرين ٽيڪس ايمنسٽي ۽ اثاثا ظاهر ڪرڻ جي اسڪيم متعارف ڪرائي ڇڏي، جنهن کي صدارتي آرڊيننس ذريعي لاڳو ڪيو ويندو، ناڻي صلاحڪار عبدالحفيظ شيخ چيو آهي ته ڪابينا اثاثا ظاهر ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي جنهن موجب بنا نالي اثاثا پنهنجي نالي ڪرائي سگهجن ٿا، اسڪيم سادي رکي وئي آهي، ماڻهن کي ڊيڄارڻ مقصد نه آهي، اسڪيم جو مقصد ٽيڪس حاصل ڪرڻ نه آهي، ٻاهرين ملڪ بينڪ اڪائونٽس کي واپس آڻڻو پوندو، ملڪيت تي ايف بي آر ريٽ کان هڪ سيڪڙو وڌيڪ لاڳو ٿيندو، بنا نالي ملڪيت ضبط ۽ سزا به ٿي سگهي ٿي، اسان وٽ 28 ملڪن ۾ پاڪستانين جي ڏيڍ لک اڪائونٽس جو تفيصل آهي، ايمنسٽي اسڪيم سان ڪارو ناڻو رکندڙن کي آخري موقعو ڏنو ويو آهي، آءِ ايم ايف سان ڳالهيون 8 مهينا جاري رهيون، اسٽاف ليول معاهدي جي بورڊ منظوري ڏيندو، اڱاري تي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ چيئرمين ايف بي آر شبر زيدي ۽ مملڪتي وزير حماد اظهر سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته وفاقي ڪابينا مختلف نقطن جي منظوري ڏني آهي، ماڻهو 31 جون تائين هن اسڪيم ۾ شامل ٿيندا، ڪابينا ڪافي فيصلا ڪيا، جڏهن ته اهم فيصلو اثاثا ظاهر ڪرڻ جي اسيڪم آهي، حفيظ شيخ چيو ته ماڻهن کي سهولت ڏني وئي آهي ته 4 سيڪڙو ٽيڪس ڏئي اثاثا پنهنجي نالي ڪرائين، هن چيو ته ٻاهرين ملڪن مان بينڪ اڪائونٽس واپس آڻڻا پوندا، هن چيو ته جيڪي تنقيد ڪري رهيا اهن اهي به ماضي ۾ آءِ ايم ايف وٽ ويا، هن چيو ته آءِ ايم ايف ٺهيو ئي ان ڪري آهي ته معاشي گهوٽالي جي ماريل ملڪن جي مدد ڪري، هن چيو ته بجلي لاءِ 216 ارب سبسڊي رکي رهيا آهيون، انڪم سپورٽ پروگرام کي هڪ سئو ارب رپين مان وڌائي 180 ارب رپيا ڪيو پيو وڃي، هن چيو ته ترقياتي بجيٽ جو حجم 650 ارب رپين مان وڌائي 8 سئو ارب ڪيو پيو وڃي، هن چيو ته اسان وٽ 28 ملڪن ۾ پاڪستانين جي ڏيڍ لک اڪائونٽن جو تفيصل آهي، هن چيو ته ٽيڪس اڳاڙي لاءِ وڌيڪ قدم کڻڻا آهن، شبير زيدي چيو ته ملڪيت تي ٽيڪس لاءِ 3 ريٽ آهن ۽ ظاهر ڪرڻ لاءِ اصل ريٽ تي ٽيڪس ورتو ويندو، سرڪاري عهدو رکندڙ هن اسڪيم ۾ شامل نٿا ٿي سگهن، هن چيو ته مختلف ادارين جي ڊيٽا گڏي ڪيو پيو وڃي جنهن سان بنا نالي اثاثا رکڻ ممڪن ٿي ويندو، شبر زيدي چيو ته ڪنهن ٽيڪس ادا ڪندڙ ماڻهو کي ڊي ٽيڪس نه ڪيو ويندو، ٽيڪس ادا ڪندڙ ماڻهو يا اداري تي ريڊ نه ڪيو ويندو، هن چيو ته ايف بي  آر ٽيڪس ادا ڪندڙن کي سهولت ڏيندو، ناڻي صلاحڪار ٻڌايو ته گيس جي قيمت وڌي ته 40 سيڪڙو گهٽتائي وارن صارفين کي اثرن کان بچائڻ جا فيصلا ڪيا ويا آهن، هن چيو ته سال 2000کانپوءِ سرڪاري عهدو رکندڙ ٽيڪس ايمنسٽي اسڪيم مان فائدو حاصل نه ڪري سگهندا، هي اسڪيم سمورن مانهن ۽ ڪمپنين تي لاڳو ٿيندي، هن چيو ته ڪوشش ڪئي آهي ته هي اسڪيم سمجهڻ ۽ عملدرآمد ڪرڻ ۾ آسان ٿئي، هن کي حقيقت پسداڻو رکيو آهي، هن چيو ته 30 جون تائين اسڪيم ۾ شامل ٿيڻ جو موقعو ڏنو ويو آهي، اسڪيم ۾ هر پاڪستاني شهري حصو وٺي سگهندو، جڏهن ته اهي ماڻهو جيڪي حڪومت ۾ عهدن تي رها چڪا آهن يا جيڪي انهن تي دارومدار رکن ٿا اهي هن اسڪيم مان فائدو حاصل نٿا ڪري سگهن، هن مثال ڏيندي چيو ته جيڪڏهن ايف بي آر موجب ڪنهن پراپرٽي جي قيمت 10 لک رپيا آهي ته ان کي 15 لکن تي اڇو ڪيو ويندو ۽ ان کي ڏيڍ سيڪڙو ادا ڪرڻو پوندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *