ڪاجول ۽ ڪرن جوهر جي دوستي تي اجي ديوگن پريشان

ممبئي(شوبز نيوز)بالي ووڊ ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر اداڪاره ڪاجول ۽ ڪرن جوهر جي دوستي جا چرچا جاري آهن، ٻنهي جي وچ ۾ ٿيل اختلاف مڪمل ختم ٿي ويندا ۽ اهي هڪ ٻئي ويجهو اچي ويا ۽ ٻنهي جي ٻيهر دوست جون خبرون ميڊيا ۾ گردش ڪرڻ لڳيون، جنهن تي اجي ديوگن خوش نظر نه ٿو اچي، ڀارتي فلم انڊسٽري ۾ اداڪاره ڪاجول ۽ هدايتڪار ڪرن جوهر جي ۲۵ سالا پراڻي دوستي جو مثال ڏنو ويندو آهي، پر ان دوستي کي گذريل سال ان وقت نظر لڳي جڏهن ڪرن پنهنجي ڪتاب جي مهوريتي تقريب دوران ڪاجول تي الزام لڳايو ته ڪاجول مون مٿان رشوت جو الزام لڳايو هو، حقيقت ۾ گذريل سال ڪرن جوهر جي فلم “اي دل هي مشڪل“ ۾ اجي ديوگن جي فلم “شيوي“ گڏ رليز جي موقعي تي ٻنهي دوستن جا تعلقات خراب ٿيا هئا، ٻئي گذريل ۲۵ سالن کان هڪ ٻئي جا بهترين دوست هئا، ان خبر سٺي فلم انڊسٽري کي لوڏي ڇڏيو آهي، پر هاڻي ٻنهي پنهنجا سمورا اختلاف ختم ڪري هڪ ٻئي سان ٻيهر دوستي جو رشتو وڌائي ڇڏيو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *