ڪئمرامين تي تشدد ڪندڙ گارڊ خلاف ڪارروائي ٿيندي، حرڪت گارڊ جي بدنامي منهنجي ٿي: نواز شريف

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف پنهنجي محافظ طرفان خانگي ٽي وي چئنل جي ڪئمرا مين تي تشدد کي افسوس جوڳو قرار ڏيندي قانون موجب ڪارروائي جي خاطري ڪرائي ڇڏي آهي. نيب ريفرنس جي سلسلي ۾ احتساب عدالت ۾ پيشيءَ بعد اسلام آباد بار ڪائونسل جي آفيس ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي نواز شريف چيو ته منهنجي شخصيت ۽ مزاج کان توهان چڱي نموني واقف آهيو،  ڪالهوڪي واقعي جو جيترو ڏک توهان کي آهي اوترو مون کي به آهي.  هن چيو ته افسوس آهي ته ان معاملي تي صحافين سان ڳالهائڻو پئجي رهيو آهي،  اهو موقعو ڪڏهن نه اچڻ گهرجي ها. سندس چوڻ هو ته مان اسيمبلي مان ٻاهر اچي رهيو هيس ته گارڊ شڪور اڳيان اڳيان هو، رستو ٺاهڻ لاءِ ماڻهن کي هٽائي رهيو هو. اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف چيو ته اسان گاڏي ڀرسان آيا سين ته ڪئمرا مين واجد علي به ڌڪو ڏنو ويو پر جنهن گارڊ ڌڪو ڏنو مون کي ان تي اعتراض هو، ڪنهن کي به رستو ڏيڻ جو اهو طريقو ناهي. هن چيو ته زخمي ڪئمرا مين پنهنجي ڪئمرا شڪور جي چهري تي هڻي ڪڍي جنهن سان گارڊ کي مٿي ۾ ڌڪ لڳو ۽ رت به نڪتو. سندس چوڻ هو ته  مان چيو ته هتان نڪرو ڪنهن ري ايڪشن جي ضرورت ناهي پر پوءِ ڇا ٿيو مون کي ڪابه خبر ناهي.  نواز شريف چيو ته اها حرڪت گارڊ جي آهي ته بدنامي ته منهنجي ٿي آهي، مان ڪڏهن نه چاهيندو هيس ته اهو وقت اچي ها ۽ مون کي شرمساري جو منهن ڏسڻو پوي ها، مان پڇاڻو به ڪندس ۽ ڪارروائي به ڪندس. هن چيو ته قانون موجب جيڪا ڪارروائي هوندي ڪئي ويندي.

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *