کنڊ بحران: عوام سامهون حقيقتون ۽ انگ اکر پيش ڪيا وڃن، آگاهي مهم هلائي وڃي: عمران خان جي ھدايت

اسلام آباد (اين اين آءِ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته حڪومت غريب طبقي تي بار گهٽ ڪرڻ لاءِ هر ممڪن قدم کڻي رهي آهي، احساس راشن، ڪامياب پاڪستان، هاري ڪارڊ ۽ ٻيا پروگرام غريبن کي رليف لاءِ جاري ڪيا. وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ پرائس ڪنٽرول تي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ وفاقي وزيرن حماد اظهر، فواد چوڌري، خسرو بختيار، فخر امام، فروغ نسيم، صلاحڪارن شوڪت ترين، شهزاد اڪبر ۽ شهباز گل سميت ٻين شرڪت ڪئي، جڏهن ته ايف بي آر چيئرمين، چيف سيڪريٽري پنجاب، بلوچستان ۽ خيبر پختونخواهه ويڊيو لنڪ ذريعي شريڪ ٿيا. اجلاس ۾ کنڊ جي اسٽاڪ ۽ اگهن جي حوالي سان تفصيلي بريفنگ ڏني وئي، جنهن ۾ ٻڌايو ويو ته هن وقت ملڪ ۾ کنڊ وڏي مقدار ۾ موجود آهي، سنڌ جي شگر ملن جي بندش جي فيصلي سان اگهه وڌيا آهن. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته کنڊ جي مڪمل اسٽاڪ کي مارڪيٽ ۾ آندو ويندو ۽ 15 نومبر کان سڄي ملڪ ۾ ڪمند جي ڪرشنگ شروع ڪئي ويندي، ان دوران ڪرشنگ قانونن تي سختي سان عمل ڪرايو وڃي. وزيراعظم عمران خان چيو ته عالمي مارڪيٽ ۾ شين جا اگهه وڌي رهيا آهن، پاڪستان درآمدي شين تي ڀاڙي ٿو، تنهن ڪري مقامي مارڪيٽ ۾ اثر پئجي رهيا آهن، حڪومت غريب طبقي تي بار گهٽ ڪرڻ لاءِ هر ممڪن قدم کڻي رهي آهي، احساس راشن، ڪامياب پاڪستان، هاري ڪارڊ ۽ ٻيا پروگرام غريبن کي رليف لاءِ جاري ڪيا. هن هدايت ڪئي ته عوام سامهون حقيقتون ۽ انگ اکر پيش ڪيا وڃن، آگاهي مهم هلائي وڃي، جڏهن ته ذخيرو ڪندڙن، ناجائز منافعو رکندڙن خلاف سخت ڪارروائي عمل ۾ آندي وڃي. سندس چوڻ هو ته حڪومت مهانگائي جي اثرن جو احساس رکي ٿي ۽ سياست کان مٿانهون ٿي عوام جي خدمت تي ڌيان ڏئي رهيا آهيون.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *