کنڀي گم ڪيل نالي واري شاعر تاج جويو جو پٽ ۽ سماجي اڳواڻ سارنگ جويو آزاد ٿي گهر پهچي ويو، وارثن پاران تصديق

ڪراچي (م.ڊ     ) ڪراچي مان مبينا طور کنڀي گم ڪيل نالي واري شاعر تاج جويو جو پٽ ۽ سماجي اڳواڻ سارنگ جويو آزاد ٿي گهر پهچي ويو، سندس وارثن آزادي جي تصديق ڪري ڇڏي. سارنگ جويو جي گهرواري سهڻي جويو سوشل ميڊيا تي سارنگ جويو جي آزاد ٿيڻ جي تصديق ڪندي چيو آهي ته سارنگ جويو کي محمود آباد واري علائقي ۾ نامعلوم ماڻهو ڇڏي ويا. سندس چوڻ هو ته سارنگ في الحال ڪجهه به ناهي ٻڌايو. واضح رهي ته سارنگ جويو جي کنڀجڻ خلاف سنڌ جي مختلف شهرن ۾ احتجاجي مظاهراڪيا ويا هئا ۽ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري نوٽيس وٺندي سينيٽرز کي معاملو انساني حقن واري ڪميٽي ۾ اٿارڻ جي هدايت ڪئي هئي، جنهن بعد ڪميٽي آءِ جي سنڌ ۽ مسنگ پرسنز جاچ ڪميٽي جي چيئرمين جسٽس رٽائرڊ جاويد اقبال کي پڻ طلب ڪيو هو.جڏهن ته سوشل ميڊيا تي جاري بيان ۾ سارنگ جويو جو چوڻ هو ته آئون سڄي سنڌ، بلوچستان، خيبرپختونخواھ، پنجاب ۽ سموري دنيا جي سنڌين، مائرن، ڀينرن، دوستن، سياسي سماجي ڪارڪنن، اڳواڻن، صحافين ۽ ٻين قومن جي صحافين ۽ ساڃاھوندن کي لکين مبارڪون ڏيان ٿو ته آئون اوھان جي اٿاريل آواز، احتجاجن، جدوجھدن ۽ دعائن جي آڌار سلامتيءَ سان ايمان ۽ عشق سلامت رکندي پنھنجي گھر پھچي چُڪو آھيان، مون کي پنھنجي بابا تاج جويي تي فخر آھي، ۽ ان جي تربيت تي پڻ فخر آھي. آئون بابا سائين کي صدارتي ايوارڊ واپس ڪرڻ تي مبارڪباد ڏيان ٿو سنڌ ۽ سنڌ جي اديب ھجڻ جو مانُ، مٿانھون ڪيو، منھنجي طبيعت ناساز ھجڻ جي ڪري ڊاڪٽرن جي صلاح موجب علاج ھلي رھيو آهي، ڪجھه ڏينھن ڊاڪٽرن آرام جو مشورو ڏنو آھي، اُميد آھي ته جلد سنڌ مان کنڀي گم ڪيل پنھنجن ڀائرن جي آزادي لاءِ ٿيندڙ جدوجھد ۾ اوھان سان گڏ شريڪ ٿيندس.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *