ڦليلي واهه ۾ گندگي وڏو مسئلو آهي جنهن کي هنگامي بنيادن تي حل ڪيو وڃي: سربراهه واٽر ڪميشن

حيدر آباد (اين اين آءِ) سنڌ ۾ پيئڻ جي صاف پاڻي جي چڪاس لاءِ سپريم ڪورٽ جي حڪم تي ٺاهيل واٽر ڪميشن جي اڳواڻ ريٽائرڊ جسٽس امير هاني مسلم حيدرآباد جي ميئر ۽ ضلعي انتظاميه سان گڏ ڦليلي واهه جو دورو ڪيو. ريٽائرڊ جسٽس امير هاني مسلم واهه جي صورتحال جو جائزو وٺندي چيو ته واهه ۾ گندگي هڪ وڏو مسئلو آهي جنهن کي هنگامي بنيادن تي حل ڪيو وڃي. هن حيدرآباد ميونسپل ڪمشنر کي هدايت ڪئي ته واهه کي ستن ڏينهن ۾ گندگي کان پاڪ ڪيو وڃي ته جيئن ماڻهن کي پيئڻ جي صاف پاڻي جي سهولت ملي سگهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *