ڏڪاريل ڏيهه ۾صبح سان ئي موت جي راڪاس7 گلن جهڙن ٻارڙن کي مرجهائي ڇڏيو

ٿرپارڪر (نمائندو) ڏڪاريل ڏيهه ۾ اڄ صبح سان ئي موت جي راڪاس 7 گلن جهڙن ٻارڙن کي مرجهائي ڇڏيو، 4 ٻارڙا مٺي سول اسپتال ۽ 3 ڇاڇري ۾ فوت ٿي ويا، ڏڪار سبب 70 ڏينهن دوران فوت ٿي ويلن ٻارڙن جو انگ 185 ٿي ويو آهي…. مٺي جي سول اسپتال ۾ جنيسر جو ٻن ڏينهن جو ٻارڙو، 21 ڏينهن جو رميش ميگهواڙ، ٻن ڏينهن جو قيمت مينڌرو ۽ 14 ڏينهن جو رميش خوراڪ جي کوٽ سبب فوت ٿي ويو.. ڇاڇري جي اسپتال ۾ 6 مهينن جو ريشم فوت ٿي ويو، جڏهن ته ڳوٺ راڪڙا ۾ 4 ڏينهن جي رضيه ۽ 7 ڏينهن جي جميلا فوت ٿي ويا آهن، ڏڪار سبب 70 ڏينهن دوران فوت ٿي ويلن ٻارڙن جو انگ 185 ٿي ويو آهي.. مٺي، ڇاڇرو، اسلام ڪوٽ ۽ ٻين شهرن جي اسپتالن ۾ ڪيترائي ٻارڙا داخل آهن، اسپتال اندر دعوائن جي کوٽ ۽ خوراڪ نه هئڻ ڪري ٻارڙن جي حالت ويتر خراب ٿيندي پئي وڃي…. بک ۽ مختلف بيمارين ۾ وڪوڙيل سوين ٻارڙن جي حالت ڳڻتي جوڳي هئڻ باوجود حڪومت امدادي ڪمن ۾ تيزي ناهي آندي، جنهن سبب ٻارڙن جي فوت ٿيل جو سلسلو جاري آهي… وزيراعظم طرفان معاملي جو نوٽيس وٺڻ باوجود ٿر جي صورتحال جيئن جو تئين آهي. سنڌ سرڪار ۽ مقامي انتظاميا جي بي حسي سبب ٿري سخت تڪليفن کي منهن ڏئي رهيا آهن، روز ٻارڙا فوت ٿيڻ سبب ماحول سوڳوار بڻيل آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *