ڏڪاريل ڏيهه ٿر ۾ وڌيڪ ٻه ٻارڙيون خوراڪ جي کوٽ سبب فوت ٿي ويون

ٿرپارڪر(رپورٽر) ڏڪاريل ڏيهه ٿر ۾ وڌيڪ ٻه ٻارڙيون خوراڪ جي کوٽ سبب فوت ٿي ويون، هڪ نينگري مٺي سول اسپتال ۽ هڪ ننگرپارڪر جي تعلقي اسپتال ۾ فوت ٿي ويون، چئن مهينن دوران فوت ٿيل ٻارڙن جو انگ وڌي 4 سئو 6 وڌي ويو آهي. مٺي جي سول اسپتال ۾ جئي رام جي چئن ڏينهن جي ٻارڙِي خوراڪ جي کوٽ سبب فوت ٿي وئي، جڏهن ته ننگر پارڪر جي تعلقي اسپتال ۾ ٽن ڏينهن جي غلام فاطمه پڻ خوراڪ جي کوٽ ۽ اسپتالن اندر سهولتون نه هئڻ ڪري دم ڌڻي حوالي ڪري ڇڏيو. وڌيڪ 2 ٻارڙيون فوت ٿيڻ کانپوءِ چئن مهينن دوران فوتي ٻارڙن جو انگ وڌي 4 سئو 6 ٿي ويو آهي. ٿر ۾ ڏڪار واري صورتحال جيئن جو تئين برقرار آهي، ٻارڙا فوت ٿيڻ جو سلسلو هڪڀيرو ٻيهر تيز ٿي ويو آهي، پر سنڌ حڪومت توڙي مڪاني انتظاميا طرفان تڪڙا اپاءُ ناهن ورتا ويا…..

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *