ڏڪاريل ڏيهه ٿر ۾ موت جو راڪاس برقرار, وڌيڪ هڪ ٻار فوت، ٻارڙن جو انگ وڌي 59 ٿي ويو

ٿرپارڪر (نمائندو) مارئي جي ديس ۾ موت جي راڪاس جو رقص جاري آهي، اڄ وڌيڪ هڪ ابهم ٻارڙو موت جو بَک بڻجي ويو آهي، ڏيڊ مهيني ۾ فوت ٿي ويلن جو انگ وڌي 59 ٿي ويو. مٺي جي سول اسپتال ۾ وڌيڪ هڪ تازي ڄاول ٻار دم ڏئي ڇڏيو آهي. ڊاڪٽرن موجب ٻارڙو انتهائي ڪمزور هيو، جنهن علاج دوران دم ڏنو. اڄوڪي فوت ٿي ويل ٻارڙي سميت ٿر ۾ ڏڪار سبب ڏيڍ مهيني ۾ فوت فوتين جو انگ وڌي 59 ٿي ويو آهي. واضح رهي ته گذريل ڏينهن به 4 ٻار فوت ٿي چڪا هئا. مٺي جي سول اسپتال ۾ ٽن مهينن جي سنديش ۽ ڏيپلي تعلقي جي مختلف ڳوٺن ۾ ٻه ٻار فوت ٿي ويا هيا، جڏهن ته ڇهن ورهين جي ڪائنات سوٽهڙ حيدرآباد جي اسپتال ۾ دم ڏنو هو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *