ڏکڻ پنجاب مان محروميون ختم ڪرڻ لاءِ ڌار صوبو ٺاهڻ چاهيون ٿا: يوسف رضا گيلاني

رحيم يارخان (مانيٽرنگ ڊيسڪ)  اڳوڻي وزير اعظم ۽ پيپلز پارٽي جي اڳواڻ يوسف رضا گيلاني چيو آهي ته ڏکڻ پنجاب مان محروميون ختم ڪرڻ لاءِ ڌار صوبو ٺاهڻ چاهيون ٿا، جڏهن ته آپريشن ڪنهن پارٽي خلاف نه پر دهشتگردن خلاف ٿي رهيو آهي. رحيم يار خان ۾ صحافين سان ڳالهائيندي اڳوڻي وزير اعظم يوسف رضا گيلاني چيو  ته هو حڪومت کان مطالبو ڪري ٿو ته اقليتن جي حقن جو تحفظ يقيني بڻايو وڃي. هن چيو ته ڏکڻ پنجاب جي ماڻهن مان محرومي جو احساس ختم ٿيڻ گهرجي ۽ اُن لاءِ ڌار صوبي جو قيام ضروري آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *