ڏکڻ وزيرستان ۾ ڊرون حملو، عرب ڪمانڊر عادل سميت 4 پرڏيهي مارجي ويا

پشاور، وانا (م.ڊ) ڏکڻ وزيرستان ۾ آمريڪي جاسوس جهازن جي حملي ۾ عرب ڪمانڊر عادل، سوڊان جو ابودائود دين ۽ سعودي عرب جا عمر ۽ عمادي به مارجي ويا، 5 ڄڻا زخمي، تعلق حقاني نيٽ ورڪ سان هيو، حملي بعد جاسوس جهازن جي هيٺين لامارن سان علائقي ۾ خوف هراس پکيڙجي ويو. سرڪاري ۽ ٻين ذريعن موجب جاسوس جهاز اعظم ورسڪ جي علائقي ۾ وزير قبائل سان تعلق رکندڙ اشرف نالي شخص جي گهر تي چار ميزائل فائر ڪيا جتي حقاني نيٽ ورڪ جا اهم ڪمانڊر روپوش هئا. اطلاعن موجب يمن سان تعلق رکندڙ ڪمانڊر عادل سان گڏ سوڊان جو ابودائود دين ۽ سعودي عرب جا عمر ۽ عمادي به مارجي ويا، مقامي ذريعن موجب مارجي ويلن ۾ واڌ جو به خدشو آهي. ٻڌايو ويو آهي ته ڊرون حملي بعد به جاسوس جهازن جا لامارا جاري رهيا جنهن سبب علائقي ۾ خوف هراس پکيڙجي ويو. سرڪاري ذريعن موجب حملو صبح ڏکڻ وزيرستان جي صدر مقام وانا کان اٽڪل 0 1 ڪلو ميٽر پري تعلقي برمل جي علائقي اعظم ورسڪ ۾ هڪ گهر تي ڪيو ويو، حملي ۾ چار ڄڻا مارجي ويا. سرڪاري ذريعن موجب جنهن گهر کي نشانو بڻايو ويو عسڪريت پسند ان کي هڪ مرڪز طور استعمال ڪري رهيا هئا. هلندڙ سال ڏکڻ ۽ اتر وزيرستان ۾ آمريڪي جاسوس جهازن طرفان عسڪريت پسندن جي ٺڪاڻن ۽ گاڏين تي ڪالهه 5 1 حملا ڪيا ويا جن مان 2 حملا ڏکڻ وزيرستان جڏهن ته 3 1 حملا اتر وزيرستان ۾ ڪيا ويا آهن، انهن حملن ۾ درجنين شدت پسند مارجي چڪا آهن، ڪافي ڊرون حملا اتر وزيرستان ۾ ڪيا ويا پرپوءِ ڏکڻ وزيرستان ۾ به ڊرون حملن ۾ مبينا شدت پسندن کي نشانو بڻايو ويو. هلندڙ سال اتر وزيرستان ۾ 5 1 جون کان فوجي آپريشن ضرب عضب شروع ٿيڻ بعد ڪافي شدت پسند پاڪ افغان سرحدي علائقن ڏانهن منتقل ٿي ويا آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *