ڏکڻ ايشيا جي روشن مستقبل لاءِ سارڪ ملڪ هڪٻئي سان سهڪار ڪن: صدر ممنون حسين

اسلام آباد (اين اين آءِ) صدر ممنون حسين چيو آهي ته ڏکڻ ايشيا جي بهترين مستقبل لاءِ سارڪ ملڪ هڪٻئي سان تعاون ڪن اها ڳالهه صدر سارڪ پاران ماءُ ۽ ٻار جي صحت جي حوالي سان ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪئي صدر هن اميد جو آظهار ڪيو ته هي ڪانفرنس خطي ۾ ماءُ ۽ ٻار جي صحت بهتر بنائڻ لاءِ فائديمند ثابت ٿيندي صدر چيو ته خطي جا ڪيترائي مسئلا هڪجهڙا آهن جن کي گڏجي ختم ڪري سگهجي ٿو صدر ممنون حسين چيو ته ويم صهت حڪومت جي ترجيحن ۾ شامل آهي ۽ حڪومت عوام کي صحت جون سهولتون ڏيڻ لاءِ وسان نٿي گهٽائي صوبائي حڪومتن جي مشاورت سان امءُ ۽ ٻار جي صحت جي حوالي سان 10 نقاتي پلان تيار ڪيو آهي جنهن ذريعي جٽادار ترقياتي حدف حاصل ڪري سگهبا هن وڌيڪ چيو ته هي جامع پلان ماءُ ٻار جي صحت ۾ بهتري آڻڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو. پاڪستان ڀارت بنگلاديش ۽ افغانستان ۾ ويم جي صحت جي حوالي سان ڪيترائي پروگرام جاري اهي پر ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته ان جو دائرو وڌايو وڃي ته جيئن وڌ ۾ وڌ ماڻهو فائدو وٺي سگهن ۽ معاشري کي فعال ميمبر بڻائي سگهن صدر ممنون حسين چيو ته پاڪستان ماءُ ۽ تازي ڄاول ٻارڙن جي موت جي شرح ۾ گهٽائي لاءِ سمورن اسٽيڪ هولڊرز جي مدد سان قدم کڻي رهيو آهي هن چيو ته پاڪستان خطي ۾ به ماءُ ۽ ٻار جي صحت کي بهتر ڪرڻ لاءِ سهڪار جاري رکندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *