ڏکڻ ايشيائي راندين لاءِ پاڪستاني عورت باسڪيٽ بال ٽيم ۾ چوڌري نثار جي نياڻي نتاشا به شامل

لاهور(اسپورٽس نيوز) ڏکڻ ايشيائي راندين لاءِ پاڪستان جي عورتاڻي باسڪيٽ بال ٽيم ۾ وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار علي جي نياڻي کي به شامل ڪيو ويو آهي، ڀارت ۾ 5 فيبروري کان رٿيل سيف گيمز لاءِ قومي عورت باسڪيٽ بال ٽيم جي چونڊ ڪئي وئي آهي، هڪ مهيني تائين ٽريننگ کانپوءِ رانديگرياڻين جي ڪارڪردگي جو جائزو وٺي 12 رڪني ٽيم جي چونڊ ڪئي وئي، جنهن ۾ وڏين صلاحيتن واري نتاشا نثار علي به شآمل آهي، جيڪا وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار علي خان جي نياڻي آهي، ان کانسواءِ ملڪ جي مشهور فٽبالر حاجره خان کي به ٽيم ۾ شامل ڪيو ويو آهي، قومي عورت باسڪيٽ بال ٽيم جي اڳواڻي ثنا محمود حوالي ڪئي وئي آهي. واضح هجي ته قومي عورت باسڪيٽ بال ٽيم 20 سالن کانپوءِ ڪنهن عالمي مقابلي ۾ حصو وٺي رهي آهي،قومي ٽيم 1995ع ۾ پهريون ۽ آخري ڀيرو اسلامي راندين ۾ حصو ورتو هو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *