ڏکڻ آفريڪي ڪپتان جي وڏي دل، سرفراز جي معافي قبول

 

سنچورين (اسپورٽس نيوز) ڏکڻ آفريڪي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان فاف ڊوپليسي قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان سرفراز احمد کي معاف ڪري ڇڏيو. سنچورين ۾ ٽريننگ سيشن کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي فاف ڊوپليسي جو چوڻ هو ”ڇو ته سرفراز احمد معافي گهري ورتي آهي ۽ هن ذميواري قبولي آهي، تنهن ڪري اسان کيس معاف ڪري رهيا آهيون“. ڊربن ۾ پاڪستان ۽ ڏکڻ آفريڪا جي ٽيمن وچ ۾ کيڏيل ٻي ون ڊي ميچ دوران قومي ٽيم جي ڪپتان سرفراز احمد پاڪستان جي واضح شڪست ڏسندي مخالف ٽيم جي رانديگر انديلي ڦلڪوايو کي تڪراري جملو چيو هو، جنهن کانپوءِ سوشل ميڊيا تي سرفراز احمد کي سخت تنقيد جو نشانو بڻايو ويو، جڏهن ته سرفراز احمد ان معاملي تي معافي گهرندي چيو هو ته منهنجو مقصد ڪنهن جي دل آزاري ڪرڻ نه هو. ڏکڻ آفريڪي ڪپتان موجب اهو معاملو هاڻ اسان جي هٿن ۾ ناهي، وڌيڪ انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل ان کي ڏسندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *