ڏکڻ آفريڪا جي ڪپتان فاف ڊوپليسي ڪپتاني ڇڏڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

 

جوهانسبرگ(اسپورٽس نيوز)   ڏکڻ آفريڪا جي ڪپتان فاف ڊوپليسي ڪپتاني ڇڏڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي جنهن کان پوءِ وڪيٽ ڪيپر رانديگر ڪوئنٽن ڊي ڪوڪ کي ڪپتاني ڏني ويندي.فوٽو شيئرنگ جي ايپليڪيشن انسٽاگرام  تان جاري ڪيل پنهنجي پيغام ۾ هن چيو آهي ته ڪپتاني ڇڏڻ جو فيصلو منهنجي زندگي جي مشڪل ترين فيصلن مان هڪ هو.هن ان عزم جو اظهار ڪيو ته مان ڏکڻ آفريڪا جي نئين قيادت سان ملي ٽيم جي نئين سر سان جوڙجڪ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندس. ان حوالي سان هن جو چوڻ هو ته پنهنجي ٽيم ۽ ڪوچ مارڪ بائوچر سان ملي ٽيم کي نئين انداز ۾ جوڙڻ ۽ ٻيهر منظم ڪرڻ ۾ ڪردار ادا ڪندس.فاف ڊوپلسي ٻڌايو ته 2019 جي عالمي ڪپ کان پوءِ وڏن رانديگرن جي رٽائرمينٽ ۽ ڪوچنگ اسٽاف جي تبديلي کان پوءِ ڪپتاني رکڻ جو فيصلو ڪيو هو. هن چيو ته منهنجي لاءِ اهو اهم هو ته نئين ٽيم عالمي ميدان ۾ پنهنجا قدم ڄمائيندي اڳيان وڌندي رهي ۽ ان دوران ٽيم ۾ نئين اڳواڻ کي به چونڊ ڪري سگهون.هن وڌيڪ چيو ته منهنجي  پهرين ڪوشش اها هوندي ته مان ٽيم ۾ سڌارا آڻي سگهان ۽ وڌ کان وڌ رانديگرن جي پريڪٽس سيشن تي ڌيان ڏيان.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *