ڏکڻ آفريڪا جي حسينا مس يونيورس بڻجي وئي

ڏکڻ آفريڪا(شوبز نيوز) گذريل ڏينهن آمريڪا ۾ منعقد ٿيندڙ 68هين مس يونيورس مقابلي جي فائنل ۾ ڏکڻ آفريڪا جي 26 ساله سُندري روزيبيني تنزي  ماڻي ورتو. جڏهن ته مس پورٽوريڪو ۽ مس ميڪسيڪو ٻئين ۽ ٽئين نمبر تي رهيون.هن مقابلي ۾ سڄي دنيا جي 90 سُندرين حصو ورتو جيڪي پنهنجي پنهنجي ملڪ جي اڳواڻي ڪري رهيون هيون. 7 عورت ججن تي ٻڌل پينل کٽيندڙ جو فيصلو ڪيو.  پنهنجي مٿي تي مس يونيورس جو تاج سجائڻ کان پوءِ زوزيبيني تنزي جذباتي تقرير ڪندي چيو ته مان هڪ اهڙي دنيا ۾ پيدا ٿي آهيان جتي مون جهڙي نظر ايندڙ، مون جهڙي چمڙي ۽ مون جهڙي وارن واري عورت کي ڪڏهن به خوبصورت ناهي سمجهيو ويندو. منهنجو خيال آهي اڄ اها سوچ غلط ثابت ٿي چڪي آهي.واضح رهي ته روزيبيني تنزي کان پهريان پنج ڪاريون عورتون مس يونيورس جو مقابلو کٽي چڪيون آهن. 1977ع ۾ ٽرينيڊاڊ اينڊ ٽوباگو جي جينيل ڪوميسيون اها پهرين ڪاري عورت هئي جنهن مس يونيورس جو اعزاز حآصل ڪيو هو. زوزيبيني کان اڳ  2011 ۾ انگولا جي ليلا لوپيز مس يونيورس جو مقابلو کٽيو هو.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *