ڏکڻ آفريڪا جي بيٽسمين ڪوئنٽن ڊي ڪوڪ پشاور زلمي سان معاهدو ڪري ورتو

لاهور(شوبز نيوز) پاڪستان سپر ليگ جي ٽئين ايڊيشن جون تياريون شروع ٿي ويون آهن ۽ ان ۾ ڇهين ٽيم جي شموليت سبب پاڪستانين جي جوش ۾ اڃان به وڌيڪ اضافو ٿي ويو آهي ان کان وڌيڪ خوشي جي ڳالهه اها آهي ته هن ڀيري ڪرڪيٽ جي دنيا جا اهڙا ستارا به ٽورنامينٽ ۾ پنهنجا جلوا ڏيکاريندي نظر ايندا جن کي ڏسڻ لاءِ هر ڪو بيتاب هوندو آهي ذريعن مطابق پي ايس ايل ۲ جي چيمپيئن ٽيم پشاور زلمي جي مالڪن جي دعويٰ آهي ته انهن ليگ جي ٽئين ايڊيشن لاءِ ڏکڻ آفريڪا جي اوپننگ بيٽسمين ۽ وڪيٽ ڪيپر ڪوئنٽن ڊي ڪوڪ سان معاهدو ڪري ورتو آهي ۽ هو ان ٽورنامينٽ ۾ پنهنجا جلوا وکيريندي نظر ايندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *