ڏکڻ آفريڪا انگلينڊ کي 5 وڪيٽن تان هارائي سيريز به پنهنجي نالي ڪري ورتي

ڪيپ ٽائون (اسپورٽس نيوز) ڏکڻ آفريڪا طوفاني بيٽنگ ۽ بالنگ سبب انگلينڊ کي 5 وڪيٽن تان هارائي،سيريز به پنهنجي نالي ڪري ورتي.تفصيل مطابق انگلينڊ خلاف ون ڊي سيريز جي شروع ۾ ٻئي ميچون هارائيندڙ آفريڪي ٽيم لڳاتار ٽين ميچ کٽي انگيلنڊ جي اميدن تي پاڻي ڦيري ڇڏيو ۽ 5 ميچن تي ٻڏل ون دي سيريز 2.3 تان پنهنجي نالي ڪئي.ڪيپ ٽائون ۾ کيڏيل آخري ۽ 5 ون دي ميچ ۾ انگلينڊ ٽيم پهرين کيڏندي 237 رنسن جو ٽارگيٽ ڏنو.جواب ۾ پروٽينز جون به رڳو 22 رنسن تي 3 وڪيٽون ڪري پيون ۽ مشڪل جو شڪار ٿي وئي.پر هاشم آملا ۽ اي بي ڊي وليئرز وچ ۾ 127 رنسن جي ڀائيواري جُڙي ۽ گڏيل طور تي ٽيم جي اسڪور کي 147 رنسن تائين  پهچايو.هاشم آملا 59 رنسون ٺاهي معين علي جي هٿان اسٽمپ آئوٽ ٿي ويو،جنهن کانپوءِ فرحان بهاردين به 13 رنسون ٺاهي عادل رشيد جو شڪار ٿيو.اي بي ڊي وليئرز ڊيوڊ ويس سان ملي ڪري گهرب ٽارگيٽ 44 هين اوور ۾ مڪمل ڪري ورتو.اي بي ڊي وليئرز 101 ۽ ويس 41 رنسن سان ناٽ آئوٽ رهيا.انگيلنڊ پاران ٽو پلي 3 رانديگرن جو شڪار ڪيو،جڏهن ته معين علي ۽ عادل رشيد هڪ، هڪ وڪيٽ وٺي سگهيا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *