ڏکڻ آفريقا جي اڳوڻي ڪپتان ڊوپليسي ٽيسٽ ڪرڪيٽ کان رٽائر ٿيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

جوهانسبرگ(اسپورٽس نيوز) ڏکڻ آفريقا جي اڳوڻي ڪپتان ڊوپليسي ٽيسٽ ڪرڪيٽ کان رٽائر ٿيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، فاف ڊوپليسي 2012 ۾ آسٽريليا خلاف ٽيسٽ ڊيبيو ڪيو هو ۽ پنهنجي پهرين ٽيسٽ دوران هن ٻين اننگز ۾ ناقابل شڪست 110 رنز ٺاهيون هيون.ڊوپليسي 69 ٽيسٽ ميچز ۾ ڏکڻ آفريقا جي نمائنگي ڪئي ۽ 36 ٽيسٽ ميچز ۾ ڏکڻ آفريقا جي قيادت به ڪئي.ڊوپليسي پنهنجي ٽيسٽ ڪيريئر ۾ 10 سينچرين ۽ 21 اڌ سيچرين جي مدد سان 4163 رنز ٺاهيون.فاف ڊوپليسي پاڪستان خلاف تازو سيريز جي 4 اننگز ۾ 55 رنز ٺاهيون هيون.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *