ڏينهن ڳڻجي چڪا، نواز شريف جو اقتدار ڪرپشن سبب ٻڏي رهيو آهي: بلاول ڀٽو زرداري

لاهور / اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته  ڏينهن ڳڻجي چڪا آهن، نواز شريف جو اقتدار ڪرپشن سبب ٻڏي رهيو آهي. اسلام آباد ۾ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي صدارت هيٺ اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ شري رحمان، نيئر بخاري ۽ فيصل ڪريم ڪنڊي سميت اهم اڳواڻن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ سپريم ڪورٽ جي پاناما ليڪس بابت فيصلي کانپوءِ صلاح مشورا ڪيا ويا. ٻئي طرف پارٽي جي فيڊرل ڪائونسل ۽ منشور ڪميٽي جي ميمبر عبدالقادر شاهين سان ملاقات دوران ڳالهائيندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ايندڙ عام چونڊن ۾ ڀرپور طريقي سان حصو ۽ واضح سرسي حاصل ڪرڻ لاءِ پ پ پنهنجو سمورو هوم ورڪ مڪمل ڪري تياريون شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو آهي. هن چيو ته جلسن ۽ جلوسن ۾ تيزي آڻڻ سان گڏ پنهنجي چونڊ منشور جي تياري به شروع ڪئي وئي آهي. سندس چوڻ هو ته پ پ هڪ نظريي جو نالو آهي، جنهن کي ڪير به ختم نه ٿو ڪري سگهي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پورهيت، هاري، نوجوان، عورتون، وڪيل ۽ ڪارڪن پارٽيءَ جو سرمايو آهن، سندن قربانيون ضايع نه ٿينديون. هن چيو ته حڪمران ٽولو ڪنهن به غلطي فهمي جو شڪار نه رهي، ايندڙ عام چونڊن ۾ ڇانگا مانگا يا رحيم يار خان جهڙي سياست يا چونڊ نتيجا حاصل ڪرڻ جي ڪريل ڪوشش ڪنهن به صورت ۾ ڪامياب ٿيڻ نه ڏني ويندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *