ڏوڪري لڳ تحريڪ انصاف جي گڏجاڻي، سنڌ جي تعليم هٿ وٺي تباهه ڪئي وئي آهي: نادر اڪمل لغاري/شفقت انڙ

ڏوڪري(رپورٽر) تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان جي لاڙڪاڻي واري جلسي جي تيارين جي سلسلي ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻ حاجي شفقت حسين انڙ جي رهائشگاهه علي آباد ۾ اجلاس ٿي گذريو جنهن ۾ ڏوڪري ، باقراڻي تعلقن جي معززين چڱن مڙسن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي، اجلاس ۾ سنڌ جي صدر نادر اڪبر لغاري، مرڪزي اڳواڻ حفيظ الدين، آغا مسعود،  حاجي شفقت حسين انڙ، اڳوڻو ضلعي ناظم محمد بخش آريجو، اسٽيل ميل جو اڳوڻو ايم ڊي سيد قوت علي شاهه، ذيب خان انڙ ۽ ٻين معززين شخصيتن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي. جلسي کي خطاب ڪندي پي ٽي آءِ صدر نادر اڪبر لغاري چيو ته عمران خان جو لاڙڪاڻي وارو جلسو لاڙڪاڻي جي عوام لاءِ تبديليءَ جو آغاز آهي، عمران خان سنڌ مان محرومي جو احساس ختم ڪندو، هن چيو ته سنڌ جي تعليم کي هٿ وٺي تباهه ڪيو ويو آهي، نوجوانن کي روزگار نه هئڻ ڪري نوجوان سخت مايوسي جو شڪار آهن،ذوالفقار ڀٽو ۽ عمران خان جي پاليسي ساڳي عوام دوست واري پاليسي آهي، هن چيو ته انڙ خاندان لاڙڪاڻي جي دل آهي لاڙڪاڻو پي ٽي آءِ جو مضبوط قلعو بڻجي ويو آهي، عمران خان واضح ڪيو آهي ته اسين ڪالا باغ ڊيم جا مخالف آهيون ۽ اسين سنڌ جي ورهاڱي جا مخالف آهيون هن چيو ته لاڙڪاڻي جا تباهه ٿيل روڊ رستا ۽ گھٽين ۾ گندو پاڻي لاڙڪاڻي جي تباهي جو داستان ٻڌائي رهيو آهي، پي ٽي آءِ اسيمبلي اڳواڻ سيد حفيظ الدين شاهه چيو ته لاڙڪاڻي کي جيترا ڦنڊ مليا اوتري لاڙڪاڻو پيرس بڻجي وڃي ها پر ڪرپشن ڪري لاڙڪاڻي کي تباهه ڪيو ويو، هن چيو ته حڪومت آئي ته ماضي جي حڪمرانن کان ٽڪي ٽڪي جو حساب وٺنداسين، هن چيو ته سنڌ جي ورهاست ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪبي، پي ٽي آءِ سنڌي جي ورهاست جي سخت مخالفت ڪئي آهي ۽ ڪندي رهندي، پي ٽي آءِ اڳواڻ حاجي شفقت حسين انڙ چيو ته پ پ پ جي زوال جي شروعات لاڙڪاڻي کان شروع ٿي چڪو آهي عمران خان جو لاڙڪاڻي وارو جلسو تاريخ تبديل ڪندو هن چيو ته عوام پ پ مان مايوس آهي ۽ عوام تبديلي جي صورت ۾ عمران خان جي قيادت ۾ متحرڪ آهي، تقريب کي اڳوڻو ضلعي ناظم محمد بخش آريجو سيد قوت علي شاهه،زيب خان انڙ،نعيم شاهه راشدي، ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *