ڏوڪري جي نوجوانن پنهنجي مدد پاڻ تحت سنڌي فلم ٺاهي  پروفيشنل فلم انڊسٽري کي  حيران ڪري ڇڏيو

ڏوڪري (شوبز نيوز) ڏوڪري جي نوجوانن هڪ سنڌي فلم  ٺاهي جرني ٽو جنگل ٺاهي آهي، جنهن ۾ مقصد  هڪ خطرناڪ جهنگ ۾ وڃي اتي ريسرچ ڪري رهيا آهن، ته جهنگ جي صورتحال ۾ ڪهڙيون مشڪلاتون پيش اچن ٿيون . فلم جي ٺهڻ سان ڏوڪري تعلقي ۾ ڌام ڌوم سان فلم  جي ڪاميابي جي ڌوم مچي وئي آهي . ان سلسلي ۾ فلم ٺاهيندڙ ڊائريڪٽر سهيل احمد پروڊيوسر شيراز حسين  ميڊيا سان ڳالهائيند چيو ته  هي فلم  خوفناڪ ۽ سنسني خيز آهي ، جنهن ۾ صرف ۽ صرف مردن جي ڪردار آهي. جيڪا اسان مسلسل 6 مهينا ڪوششن باودجود ٺاهي تيار ڪئي آهي، هن چيو ته اسان اهو ٻڌائڻ چاهيون ٿا ته سنڌي نوجوان تعليم  ۽  انٽرٽينمنٽ جي ميدان ۾  به  شاندار آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *