ڏوهارين جي ٽولي منهنجي ٽيم جي عظيم ڪم تي پاڻي ڦيري ڇڏيو: عمران خان

لاهور (م.ڊ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين ۽ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته آمريڪا سازش تحت چورن ۽ ڦورن کي اسان مٿان مڙهي ڇڏيو آهي. اسان غلامي کي قبول نه ڪنداسين، پاڪستان کي خودمختار ۽ غيرتمند قوم بنائڻو آهي. وڪيل برادري حقيقي آزادي لاءِ مون سان گڏ نڪري. جمعي تي ملتان جي جلسي ۾ اسلام آباد جو سڏ ڏيندس. سمورن وڪيلن کي مون سان گڏ اسلام آباد هلڻو آهي.  لاهور ۾ وڪيل ڪنوينشن کي خطاب ڪندي عمران خان چيو ته پاڪستان جي تاريخ رهي آهي ته جيستائين وڪيل شامل نه ٿين، تحريڪ ڪامياب نه ٿيندي، تحريڪ پاڪستان کي وڪيلن کي ڪامياب ڪرڻو آهي، حقيقي آزادي جي تحريڪ ۾ وڪيلن کي ملي ساٿ ڏيڻو آهي. اڳوڻي وزيراعظم چيو ته اسلام آباد وڃڻ لاءِ سڀني کي دعوت ڏئي رهيو آهيان، جمعي تي ملتان جي جلسي ۾ اسلام آباد جو سڏ ڏيندس، سمورن وڪيلن کي مون سان گڏ اسلام آباد وڃڻو آهي. هي اسان کي روڪڻ لاءِ هر طريقا استعمال ڪندا، مون کي وڪيلن جي ضرورت آهي. لاهور بار کي خراج تحسين پيش ڪريان ٿو.  تحريڪ انصاف جي چيئرمين چيو ته شهباز شريف ۽ سندس پٽن مٿان 40 ارب روپين جي مني لانڊرنگ جا ڪيسز آهن. دنيا جي ڪنهن به مهذب معاشري ۾ ائين ناهي ٿيندو. وزيراعظم پنهنجن ڪيسز کي ختم ڪرائڻ لاءِ اين آر او ٽو چاهي ٿو وڪيلن کي چورن خلاف سپريم ڪورٽ وڃڻ گهرجي. جيڪڏهن وڏن ڌاڙيلن کي گرفتار نٿا ڪري سگهو ته پوءِ ننڍن چورن کي جيلن ۾ ڇو ٿا وجهو.  هن چيو ته پنهنجي ملڪ جي لاءِ جهاد ۾ شرڪت جي لاءِ وڪيلن کي دعوت ڏيان ٿو. اسان کي الله جي زمين تي انصاف قائم ڪرڻ گهرجي. هن تحريڪ کي ڪامياب ڪرڻ لاءِ وڪيلن جو ساٿ گهرجي. جنهن ملڪ ۾ قانون جي حڪمراني نه هجي اتي ڪڏهن به خوشحالي نٿي اچي سگهي. اسان جي تحريڪ هن چورن کي هميشه جي لاءِ دفن ڪري ڇڏيندي آمريڪا جي غلامي کان هميشه جي لاءِ آزادي ملي ويندي. اوهان منهنجي لاءِ نه پر پنهنجي ۽ پنهنجي ٻارن جي حقيقي آزادي لاءِ نڪرو. ٻئي طرف  اڳوڻي وزيراعظم عمران خان موجوده حڪومت جي ڪارڪردگي کي سخت تنقيد جو نشانو بڻايو آهي. تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان ٽوئيٽر تي پنهنجي حڪومتي دور جي ڪارڪردگي بابت هڪ چارٽ پيش ڪيو، جنهن ۾ هن اوسر جي شرح سميت ٻين شعبن جي ڪارڪردگي پيش ڪئي. عمران خان پنهنجي حڪومت جي ڪارڪردگي ٻڌائيندي هڪ ڀيرو ٻيهر پنهنجي حڪومت جي تبديلي جو الزام آمريڪا تي هنيو. هن چيو ته جڏهن آمريڪي سازش ذريعي پي ٽي آءِ جي حڪومت کي هٽايو ويو ته اسان 6 سيڪڙو معاشي اوسر جي شرح حاصل ڪرڻ جي ويجهو هئاسين. سندس چوڻ هو ته اين آر او ٽو کي پنهنجي پهرين ترجيح بڻائيندڙ ڏوهارين جي ان ٽولي منهنجي ٽيم جي ڪيل سڀني عظيم ڪمن تي پاڻي ڦيري ڇڏيو.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *