ڏسڻو پوندو نادره کان تصديق نه ٿيندڙ ووٽن جا نتيجا ڪهڙا نڪرندا: چيف جسٽس

اسلام آباد (بيورو) عام چونڊن ۾ آڱوٺن جي نشانن جي تصديق جي معاملي تي چيف جسٽس ناصرالملڪ چيو آهي ته ڏسڻو پوندو ته نادره کان تصديق نه ٿيندڙ ووٽن جا نتيجا ڇا هوندا اڱاري تي چيف جسٽس ناصرالملڪ جي سربراهي ۾ ٽه رڪني بئچ آڱوٺن جي نشانن جي تصديق متعلق ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. عدالت چيو ته عدالتي حڪم تي اهي ڪيس گڏ ڪري ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪيو ويو انهن ۾ مختلف نوعيت جا ڪيس آهن جن جون ڪئٽيگريز ٺاهڻيون آهن جسٽس چيو ته عدالت کي ڏسڻوپوندو ته نادره کان تصديق نه ٿيندڙ ووٽن جا نتيجا ڇا هوندا. ڪيس جي ٻڌڻي ڊسمبر جي ٻئي هفتي تائين ملتوي ڪئي ويئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *