ڍاڪا ٽيسٽ ۾ بنگلاديش کي اننگز ۽ 8 رنسن تان شڪست، پاڪستان ڪلين سويپ ڪري ورتو

ڍاڪا(اسپورٽس نيوز) پاڪستان بنگلاديش کي ڍاڪا ٽيسٽ ۾ شڪست ڏئي ٻن ٽيسٽ ميچن جي سيريز ۾ ڪلين سوئپ ڪري ورتو. ڍاڪا جي شير بنگلا ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ کيڏيل ميچ ۾ بنگلاديش جي ٽيم ٻي اننگز ۾ 205 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي وئي پاڪستاني بالرن ٻي اننگز ۾ به شاندار بالنگ ڪئي ۽ پاڪستان خلاف رڳو شڪيب الحسن اڌ سينچري اسڪور ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو ۽ هو 63 رنسن تي ساجد خان جي هٿان بولڊ ٿيو جڏهن ته مشفق الرحيم به ٻي اننگز ۾ رن آئوٽ ٿي ويو ۽ هن 48 رنسون ٺاهيون ساجد خان ٻي اننگز ۾ شاندار بالنگ ڪندي 4 وڪيٽون ورتيون جڏهن ته شاهين شاهه آفريدي ۽ حسن علي 2-2 وڪيٽون ورتيون. ساجد خان ميچ ۾ مجموعي طور تي 12 وڪيٽون ورتيون ۽ پاڪستان لاءِ ٽيسٽ ميچ ۾ 12 وڪيٽون وٺندڙ پهريون پاڪستاني آف اسپن بالر بڻجي ويو

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *