ڌوني ٽي ٽوئنٽي ۾ وڌيڪ ڪيچن جو نئون رڪارڊ قائم ڪري ورتو

 

جوهانسبرگ(اسپورٽس نيوز) ڀارتي وڪيٽ ڪيپر مهيندر سنگهه ڌوني ٽي ٽوئنٽي ڪرڪيٽ ۾ سڀ کان وڌيڪ ڪيچن جو نئون رڪارڊ قائم ڪري ورتو.ڏکڻ آفريڪا سان مختصر ترين فارميٽ جي پهرئين ميچ ۾ ميزبان رانديگر ريزا هينڊرڪس جو ڪيچ وٺندي ئي ڌوني سريلنڪن ڪمار سنگاڪارا جو وڪيٽن جي پويان سڀ کان وڌيڪ 133 ڪيچن جو رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو.سنگاڪارا اهو رڪارڊ 254 ميچن ۾ قائم ڪيو هو جڏهن ته ڌوني 134 هون شڪار پنهنجي 275 هين مقابلي ۾ ڪيو. ان فهرست ۾ دنيش ڪارٿڪ 123 ڪيچن سان ٽئين نمبر تي آهي ۽ ان کانپوءِ پاڪستاني ڪامران اڪمل ۽ ويسٽ انڊين دنيش رامدين موجود آهن

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *