ڌرڻو هڻندڙ اسلام آباد ۾ جهيڙا ڪرائڻ چاهين ٿا، ڌرڻو سياست تي يقين نٿا رکون: فضل الرحمان

اسلام آباد (بيورو) جمعيت علماءِ اسلام جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته اسلام آباد ۾ ڌرڻو هڻندڙ فساد ڪرائڻ چاهين ٿا. اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي مولانا فضل الرحمان چيو ته جي يو آءِ ڌرڻن واري سياست تي يقين نه ٿي رکي. هن چيو ته جمعت علماءِ اسلام هميشه جاگيرداراڻي نظام جي مخالفت ڪئي آهي. جي يو آءِ سربراهه چيو ته اسلام هڪ آفاقي نظام آهي، سڄي دنيا ۾ ان جي پرچار ڪئي ويندي. مولانا فضل الرحمان جو چوڻ هو ته هو جي يو آءِ جو منشور عوام تائين پهچائڻ چاهين ٿا، ان ڏس ۾ ڪارڪن ڪوششون تيز ڪن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *