ڌرڻن سبب معيشت کي پهتل نقصان جي ازالي لاءِ حڪومت بصيرت سان ڪم ڪري رهي آهي: پرويز رشيد

اسلام آباد (بيورو) سڌسماءَ جي وفاقي وزير سينيٽر پرويز رشيد چيو آهي ته احتجاجي ڌرڻن سبب گذريل ٽن مهينن ۾ معيشت کي پهتل نقصان جي ازالي لاءِ حڪومت بصيرت سان ڪم ڪري رهي آهي ته جيئن سيڙپڪارن جو اعتماد بحال ٿئي ۽ پاڪستان خوشحالي ۽ ترقي ڪري سگهي وزيراعظم نوازشريف 7 کان 9 نومبر تائين چين جو دورو ڪندو چيني صدر جي پاڪستان دوري ۾ جن رٿائن تي صحيحون ٿيڻيون هيون انهن تي صحيحون ڪندو سيڙپڪاري بورڊ جي چيئرمين اسماعيل متاح سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي هن چيوت ه سيڙپڪاري بورڊ جي اهتمام هيٺ ايندڙ ڪانفرنس ۾ سڄي دنيا مان وڏي انگ ۾ سيڙپڪارن شرڪت ڪري موجوده حڪومت تي پنهنجي اعتماد جو اظهار ڪيو آهي وزيراعظم نوازشريف ڪانفرنس جو افتتاح ڪيو ۽ حڪومتي ترجيحن جي حوالي سان ملڪي ۽ پرڏيهي سيڙپڪارن کي آگاهه ڪيو انهن جي سوالن جا جواب ڏيئي کين مطمئن ڪيو سڌسماءَ جي وزير چيو ته مسلم ليگ (ن) جي حڪومت هميشه معيشت جي ڦيٿي کي گردش ۾ رکيو جنهن سان ملڪي ترقي ۽ خوشحالي جو رستو هموار ٿيو 14 آگسٽ 2014 تائين ملڪ ۾ معيشت ترقي ڏانهن وڃي رهي هئي رپ 14 آگسٽ کان پوءِ معيشت جي حوالي سان ماحول بهتر نه رهيو ۽ ان ۾ رڪاوٽ اچي ويئي خاص ڪري بجلي جا منصوبا ۽ چيني صدر جو پاڪستان جو دورو ملتوي ٿيڻ سان سيڙپڪاري متاثر ٿي پر وزيراعظم ان عزم جو اظهار ڪيو ته هو ٽن مهينن ۾ احتجاجي ڌرڻن سان معيشت کي جيڪو نقصان ٿيو آهي ان کي سنڀالي وٺندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *