ڌانڌلي جا تمام گهڻا ثبوت مليا آهن، غلط پروپيگنڊه نه ڪئي وڃي: عمران خان

اسلام آباد (بيورو) پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته قوم کي مبارڪون هجن ته جوڊيشل ڪميشن جي قيام سان ڌانڌلي جو رستو رُڪجي ويو آهي. اسانکي اميد آهي ته فيصلو اسانجي حق ۾ ايندو ۽ هن ئي سال چونڊون ٿينديون. عمران خان دعويٰ ڪئي ته اسان وٽ 2013 جي چونڊن ۾ ڌانڌلي جا تمامگهڻا ثبوت موجود آهن. انهيءَ حوالي سان غلط پروپيگنڊاه نه ڪئي وڃي. جوڊيشل ڪميشن جي ايندڙ ٻڌڻي تي 70 تڪن ۾ ڌانڌلي جا ثبوت کڻي وينداسين. عمران خان اسسٽنٽ پروفيسر وحيد الرحمان جي قتل جي مذمت ڪندي چيو ته ڪراچي ۾ ٽارگيٽ ڪلرز خلاف پوري قوت سان آپريشن ٿيڻ گهرجي. ڪراچي ۾ ايم ڪيو ايم جي کٽڻ تي نه پر خوف جي فضا تي اعتراض آهي. سرمائيڪار خوف سبب دبئي ۽ بنگلاديش منتقل ٿي رهيا آهن. جنهن به پارٽي خلاف هٿياربند ونگز هجي اُن خلاف ايڪشن ٿيڻ گهرجي. بني گاله ۾ سندس رهائشگاهه باهران احتجاج ڪندڙن جي باري ۾ هن چيو ته پنهنجي مطالبن جي حقن لاءِ بيهڻ ۽ بليڪ ميل ڪرڻ ٻه الڳ شيون آهن. اصل مسئلو اُهو آهي ته مظاهرين ٽيسٽ کانسواءِ ڀرتي ٿيڻ چاهيندا هئا. واضح ڪرڻ چاهيان ٿو ته ٽيسٽ پاس ڪرڻ کانسواءِ ڪوبه خيبرپختونخواهه ۾ ٽيچر نٿو ٿي سگهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *